جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت 30 مڻ چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي بلوچستان واسي ٻن جوابدارن گل شاھه ۽ محمد رسول کي عمر قيد ۽ 3/3 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد جي سزا ڀوڳيندا واضح رهي ته ھڪ سال اڳ صدر پوليس شنبي شاهه چوڪي وٽ تلاشي دوران ھڪ مزده مان 30 مڻ چرس هٿ ڪري ورتو ھو صدر ٿاڻي تي ايس ايڇ او ھدايت الله بجاراڻي جي فرياد تي ٻن جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ڪيس جو ڪالهه عدالت فيصلو ٻڌائي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي سزا اچڻ بعد جوابدارن کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو آهي