جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي فرسٽ اسسٽنٽ سيشن جج خالد حسين لغاري جي عدالت 700 ٻوريون سپاريون غير قانوني طور کڻي وڃڻ جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي پنجاب واسي ٻن جوابدارن فياض احمد بھڪ ۽ نديم ڌامراهه کي ھڪ ھڪ سال قيد ۽ ٻه ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد جي سزا ڀوڳيندا واضح رهي ته 2020 ۾ صدر پوليس شنبي شاهه چوڪي وٽ بلوچستان کان ڪنٽينر ۾ غيرقانوني طور کڻي ايندڙ 700 ٻوريون سپاريون پڪڙي جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ھو