لاڙڪاڻو: نافرمان پٽ پيرسن امڙ جو جيئڻ تنگ ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو

0
330
لاڙڪاڻو: نافرمان پٽ پيرسن امڙ جو جيئڻ تنگ ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو
لاڙڪاڻو: نافرمان پٽ پيرسن امڙ جو جيئڻ تنگ ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ن پ ا) ڏوڪري شهر جي ڏيرا محلا جي رهواسڻ بيواهه عورت نافرمان پٽ خلاف لاڙڪاڻي پهچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

ان موقعي تي بيواهه عورت حسنه ميمڻ دانهيو ته منهنجو وڏو پٽ نعيم ميمڻ سالن کان وٺي غلط صحبت ۾ اچي نشو واپرائي جوا کيڏندو آهي ۽ مختلف ماڻهن کان قرض وٺي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو.

هن ٻڌايو ته مان ڪيترائي ڀيرا پٽ جا قرض ادا ڪيا پر ان باوجود اڄ گهر جا تالا ٽوڙي ان تي قبضو ڪري مون کي نيڪالي ڏئي ڇڏي.

هن چيو ته اهڙي ڏانهن مان پنهنجي ڀائرن غلام قادر ۽ غلام مصطفيٰ ميمڻ کي ڏني جن کي به هو ڌمڪائي رهيو آهي.

هن چيو ته جڳهه ۾ منهنجي ٻين ٽن پٽن جو به حصو آهي جن جو حصو هو هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو، ڏوڪري پوليس کي شڪايت ڪئي پر ڪارروائي نه ڪئي، جنهن مان مون سميت منهنجي ٻين گهر ڀاتين کي جان جو خطرو آهي.

هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نافرمان پٽ نعيم خلاف ڪاروائي ڪري جڳهه تان قبضو ختم ڪري تحفظ ڏنو وڃي.