جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) پ پ قيادت پاران جيڪب آباد ضلعي چيئرمين لاءِ طاهر کوسو، وائس چيئرمين لاءِ رضوان اوڍو نامزد، ايم سي جيڪب آباد تي صوبائي صلاحڪار جو ماسات چيئرمين ۽ ايم پي اي جو اڻ چونڊيل پٽ وائيس چيئرمين لاءِ فائنل، جيالا سيٽ نه ملڻ سبب مايوس، خبر موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي لاءِ جيڪب آباد جي اميدوارن کي فائنل ڪيو ويو آهي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جيڪب آباد ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاءِ طاهر کوسو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ رضوان اوڍو کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي چيئرمين لاءِ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جو ماسات غلام عباس جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ايم پي اي جيڪب آباد محمد اسلم ابڙو جو اڻ چونڊيل پٽ عمران ابڙو کي فائنل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پ پ قيادت پاران نامزد ڪيل لسٽ ۾ ڪنھن به جيالي کي نامزد نه ڪرڻ سبب جيالا مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن، جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين جي سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ضلعي صدر لياقت لاشاري پنهنجي ڀاءُ علي رضا لاشاري کي نامزد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هيون پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.