سيتاروڊ (رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ جي 8 وارڊن مان7 تي پ پ ۽ هڪ وارڊ تي آزاد جنرل ڪائونسلر چونڊجي اچڻ تي هن ڀيري پ پ مخالفن بجاءِ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪي رهيا آهن. پ پ جا اڪثر ڪائونسلر هڪ ٻئي جا سخت مخالف هجڻ تي اندروني طرح سندن سياسي جنگ هلڻ تي گذريل ڏهاڙي سيتاروڊ  جي سياست ۾ اهم تبديلي آئي آهي، ان ڏس ۾ 3 ڏينهن اڳ زرداري هائوس ڪراچي ۾ فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ فيصلائتي گڏجاڻي ۾ سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي لاءِ حاجي جعفر حسين آرائين جو نالو وائيس چيئرمين لاءِ سامهون اچڻ تي مبارڪن جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو هو، گذريل ڏهاڙي حاجي جعفر حسين جو وائيس چيئرمين تان پتو ڪٽجي وڃڻ تي غلام مصطفي چانڊيو کي وائيس چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. غلام مصطفي چانڊيو چيئرمين جو اميدوار هو، قيادت هن ڀيري به قمبر علي خان لغاري کي هڪ دفعو ٻيهر سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي لاءِ چيئرمين نامزد ڪري غلام مصطفيٰ چانڊيو کي وائيس چيئرمين لاءِ راضي ڪري ورتو آهي، جنهن بعد جعفر حسين آرائين جو هن وقت تائين وائيس چيئرمين تا نالو آئوٽ ٿي ويو آهي.ان حوالي سان پ پ پ دادو ضلعي جي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي ”ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سيتاروڊ ۾ ڪابه تبديلي ناهي ٿي، وائيس چيئرمين لاءِ غلام مصطفيٰ چانڊيو پهريان ئي نامزد هو جنهن جو باقاعده اعلان پارٽي قيادت ڪندي ٻئي طرف حاجي جعفر حسين آرائين چيو ته اهڙي تبديلي جي ڪا خبر ناهي، پارٽي قيادت جو هر فيصلو قبول هوندو.جڏهن ته تازو منتخب ٿيل غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته سيتاروڊ ٽائون لاٰ چيئرمين جو اميدوار هيس، پارٽي قيادت چيئرمين لاءِ قمبر علي خان لغاري ۽ وائيس چيئرمين لاءِ منهنجي حق ۾ فيصلو ڪيو آهي، پارٽي جي هر فيصلي کي لبيڪ چونداسين.ٻئي طرف سيتاروڊ ۾ ھن ڀيري به پارٽي لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪميٽيڊ ورڪر جيالا نظر انداز ٿيا آهن۔ مخصوص سيٽين تي به پارٽي اڳواڻ پنهنجا حمايتي اميدوار آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن، جڏهن ته قربانيون ڏيندڙ ڪميٽيڊ ورڪر جيالا پارٽي ۾ نظم ضبط نه ڏسي مايوسي منجهان چپ جو روزو رکيو ويٺا آهن.