فوجي ٺڪاڻن تي حملن جا ڪيس فوجي عدالتن ۽ سويلين ٺڪاڻن جا ڪيس اي ٽي سي ۾ هلايا ويندا: وزيراعظم

0
145

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملن جا ڪيس قانون پٽاندڙ فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا، سويلين ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف دهشٽگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا

 وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ امن امان بابت اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي تي عمران نيازي جي حڪم تي سندس جٿن دهشتگردي ڪئي، عمران نيازي اُهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو 75 سالن ۾ دشمن به نه ڪري سگهيو

هن چيو ته 9 مئي جي تاريخ کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪري جناح هائوس کي ساڙيو ويو، 9 مئي واقعن جي رٿابندي ڪندڙ قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا

شهباز شريف چيو ته ماڻهن کي ڀڙڪائيندڙ، نعرا هڻندڙ ۽ هنگاما ڪندڙ به نه بچندا