جوھي (ن پ ا) جوھي لڳ ٿڳڙي پير ڀرسان افسوسناڪ روڊ حادثو , موٽر سائيڪل ۾ عورت جو برقعو وچڙي وڃڻ  ڪري موٽر سائڪل ڪري پئي, جنھن جي نتيجي ۾ پنجن مھينن جي کيرپياڪ معصوم ٻارڙي عاصمه ڌيءَ مظھر رستماڻي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏھن ته معصوم ٻارڙي جو پيءُ مظھر رستماڻي ۽ امڙ سخت زخمي ٿي پيا, فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ سندس زخمي ماءُ ۽ پيءُ کي تعلقي اسپتال جوھي آندو ويو , معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ تي سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا,  مظھر رستماڻي پنھنجي گھرواري ۽ پنجن مھينن جي معصوم ڌيءَ سان گڏ شادي جي تقريب ۾ وڃي رھيو ھو ته حادثو پيش آيو.