خيرپور/ چونڊڪو (نمائندا) سول جج خيرپور جو سوراهه ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 4 ڄڻا بازياب، ايس ايچ او رڪارڊ  سميت عدالت طلب. خبر موجب ڳوٺاڻي گل حسن شيخ سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ پنھنجي وڪيل علي شير ڪانڌڙو معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ڀاءُ گل محمد شيخ کي سوراهه پوليس ناحق قيد ڪري ڇڏيو آھي. اهڙي درخواست بعد سيشن جج خيرپور مشتاق احمد لغاري جي حڪم بعد سول جج نارا مقتدر علي عدالتي عملي کي ساڻ ڪري سوراهه ٿاڻي تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ بعد لاڪ اپ جي تلاشي دوران ناحق باندي بڻايل گل محمد شيخ، محمد عباس آرائين، رمضان ۽ علي حسن گوپانگ کي بازياب ڪرائي ورتو. ٿاڻي جي ايس ايچ او کي رڪارڊ سميت سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.