ٽنڊوالهيار  (رپورٽر) نيازي سرڪار ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو ملڪ کي سنڀالي  سگهي ٿي ته اها صرف پيپلز پارٽي ئي آهي باقي ملڪ کي ڪرڪيٽرن حوالي ڪيو ويندو ته اهڙو ئي حال ٿيندو اهڙي خيالن جو اظهار پ پ پ سينئر اڳواڻ حاجي عبدالستار بچاڻي . اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي امداد خان پتافي ٽنڊوالهيار لڳ ڌڳاڻو بوزدار ۾ رئيس اشفاق خان لغاري ۽ احسن بوزدار پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو هنن چيو ته ڊالر جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي انهي جي ذميوار به نيازي سرڪار آهي هن چيو ته شيري مزاري جي نياڻي جيڪا پاڪ فوج جي سربراھ خلاف ٻولي استعمال ڪئي انهي جي مذمت ڪريان ٿو هنن چيو ته فريال ٽالپر کي رات جو 12 وڳي کنيو ويو هنن چيو 5 وڳي جيل بند ٿي ويندي آهي آفيشل 5 وڳي کان پوء ڪو اندر وڃي سڱهي ٿو نه ٻاهر پوء  به پاڪستان پيپلز پارٽي ثابت قدم رهي هنن چيو ته عمران خان جلد جيل  وڃڻ وارو آهي ان کي  هاڻي خبر پوندي ته جيل ڇا ٿيندي آهي  جنهن کي ڪرڙي کان به ڊپ لڳندو آهي هنن چيو ته ٽنڊوالهيار جي سمورين يونين ڪائونسلن تان پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي مخالف خوامخواھ خرچ نه ڪن. آجياڻي کي پ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ظھير پتافي . دريا خان مري ۽ ٻين خطاب ڪيو