جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جھول شهر جي ريلوي اسٽيشن گرائونڊ تي فٽبال ميچ ڪنگ بلوچ فٽبال ڪلب نوابشاهه ۽ الشهباز فٽبال ڪلب جھول جي وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ الشهباز ڪلب جھول هڪ گول تان ڪنگ بلوچ کي هارايو. ميچ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ميچ جي ميزبانن استاد امام بخش بلوچ علي اڪبر جٽ رانديگرن کي خطاب ڪندي چيو ته رانديون هڪ صحتمند معاشري جون امين آهن جيڪي نوجوانن کي نشي کان پري رکن ٿيون. آخر ۾ ڪامياب ٽيم ۾ انعام ورهايا ويا.