ٿاڻوبولاخان ( رپورٽ: سھيل يوسف ميمڻ ) ڪوهستان جي يوسي تونگ شريف ۾ پير ڄام لوھار آرياڻي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٿيو، تونگ ٽائيگرز چيمپئن بڻجي وئي. فائنل ۾ تونگ ٽائيگرز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، قلندري باريجا پھرين بيٽنگ ڪندي فدا حسين پالاري 59 رنسو ٺاھي 10 اورن 122 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ تونگ ٽائيگرز فيضان ڪاليا جي 38 ۽ بابر جي 27 رنسن جي مدد سان آخري اوور ۾ ٽارگيٽ مڪمل ڪيو ۽ فائنل پنھنجي نالي ڪيو. خاص مهمان پي پي ايم پي اي گيانچند ايسراڻي هو جنهن چيو ته ڪوهستان جي رانديگرن ۾ ٽئلينٽ آھي اميد ته هتان به ڪو شاھنواز ڏاهاڻي جھڙو ضرور ٿيندو جيڪو ملڪي ليول تائين راند کيڏندو. ونر ٽيم کي ڪيش 10ھزار روپيا ۽ رنراپ ٽيم کي ڪيش 5 هزار روپيا انعام ڏنو ويو. ان موقعي تي مصطفيٰ کوسو، محمد حسين خاصخيلي، معشوق حملاڻي، خادم حسين خاصخيلي، محمد بخش لوهاراڻي، مولوي عبدالرحمن گبول پڻ خطاب ڪيو.