گمبٽ (ن پ ا) ٽي ڏينهن اڳ گمبٽ ڀر سان ڳوٺ جھنڊا شاخ وٽ تيز رفتار ٽريڪٽرٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان نزاڪت علي سولنگي گمبٽ گمس اسپتال جي ريپڊ ريسپانس سينٽر ۾ سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش ڳوٺ علي محمد سولنگي ۾ گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سندس گھر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا.