جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه جي سرڪاري اسپتال کي مليل دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران ڪچري جي ڍير تي اڇلايون ويون، شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر، خبر موجب وريام مائنر جي دروازي ڀرسان سرڪاري اسپتال کي مليل دوائون ۽ گوريون هٿ ڪيو ويون جيڪي مدي خارج آهن، شهرين گلاب خاصخيلي، علي گل مھر ۽ ٻين جو چوڻ  آهي ته سرڪاري اسپتال جي انتظاميا علاج لاءِ ايندڙ غريب مريضن کي دوا نه ڏني ۽ مليل سموريون دوائون رکي ڇڏيون جنهن ڪري اهي مدي خارج ٿي ويون، هنن چيو ته اسپتال انتظاميا دوائون خراب ٿيڻ بعد اڇلائي ڇڏيون، هنن چيو ته دوائون مريضن کي ڏنيون وڃن ها ته انهن کي فائدو پوي ها پر انتظاميا جي نااهلي سبب ايئن نه ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.