مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ٻانڌي روڊ ڳوٺ پيرل  سولنگي وٽ گذريل رات دير سان رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي مسمات عزت زال غلام نبي زرداري سخت زخمي ٿي پئي، جنھن کي مورو اسپتال بعد نوابشاھ نيو ويو، جتي هوءَ زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي وئي، فوتي عورت جو لاش مورو اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.