جروار (ن پ ا) ڳوٺ نبي بخش گبول جي رھواسين الھداد بوزدار، دوست بوزدار، ڪرم حسين بوزدار احتجاج ڪندي چيو ته مانجهي عرف راڻو گبول ۽ ٻين منھنجي 7 ايڪڙ جڏھن ته الھداد ۽ ڪرم حسين جي 3 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري زبردستي هر ڪاهي ڇڏيا آهن، روڪڻ تي نتيجا ڀوڳڻ جو ڌمڪيون ڏين ٿا،جروار ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آھي، ھوڏانھن جروار پوليس ڪارروائي ڪندي زمين ۾ هر ڪاهيندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور حق نواز گبول کي گرفتار ورتو.