سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي تاجرن جي گڏجاڻي سکر اسمال ٽريڊرز ۽ صرافا بازار ايسوسئيشن جي صدر حاجي جاويد ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي. اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته حڪومت پاران8 کان 16 مئي تائين مارڪيٽون بند ڪرڻ سان ملڪي معاشي صورتحال تي انتهائي منفي اثر پوندا، هن حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور تي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري عيدالفطري جي خريداري جي لاءِ سڄو هفتو ئي تجارتي مارڪيٽون مڪمل ايس او پيز سان گڏ کولڻ جي اجازت ڏني وڃي.