جديد دور ۽ ڪتن وسيلي چور ڳولڻ وارو ڪاروبار !!!

0
209

 ان ڏھاڙي اسان جي ڳوٺ ڀرسان ھڪ وڏي ماڻھو جي گھر ۾ ڌاڙو لڳو ھمراھ پوليس کي اطلاع ڏيڻ بدران ڪنھن کوجي ڪتن واري سينٽر تي ڪال ڪئي جن پنجاھه ھزار فيس ۽ گاڏي جو خرچ ڀاڙو الڳ طئي ڪيو، ايتري ۾ پوليس پڻ پھتي پر پوليس به  پنھنجي ڪنھن جوابداري ۽ ذميواري جي استعمال ڪرڻ بجاءِ ڪتن جي مدد جو انتظار ڪرڻ لڳي. ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ ڪتا آيا جن کي ڌاڙي واري جڳھه کي سونگھائڻ واري ڊارمي کان پوءِ کين ڇڏيو ويو پر انھن سان گڏ آيل سندن مالڪ ڪتي جي پويان پويان ڊڪندو رھيو. ڪتو ابتا سبتا ڦيرا ڏيندو رھيو آخر ڪتو ٿڪجي پيو جيڪو اسان محسوس ڪري رھيا ھياسين پر ڪتي جو مالڪ ڪتي کي ڪوشش ڪري ڊوڙائيندو رھيو آخرڪار ڪتو ھڪ اھڙي جھوپڙي ۾ ۾ ويٺو جتي ھڪ معذور ۽ سندس معصوم ٻارڙا رھندا ھئا. اھڙو معذور جيڪو ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ھجي ڪتن جي ويھڻ سان واھه واھه ٿي وئي، ڪتن پويان ايندڙ پوليس وارا به  ڪتن جي ڪاميابي تي ٻھڪي پيا پر ان وقت ان معذور ۽ ان جي معصوم ٻارڙن جون رڙيون آسمان ڦاڙي رھيون ھيون. اھي پاڪ ڪتاب کڻي پنھنجي صفائي ڏيڻ لڳا پر پوليس موجب اھي وڏا ڌاڙيل ھئا ڇاڪاڻ ته اتي ڪتو ويٺو ھو ۽ پوءِ ان معذور کي گھلي پوليس  گاڏي ۾ اڇلايائون،ن سندس معصوم ٻارڙن جو اڀ ڏاريندڙ رڙيون خلق جي “چور ملي ويو، چورملي ويو” واري شور ۾ گم ٿي ويون .

سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنھن چوري ڌاڙي يا ڏوھه ٿيڻ بعد بجا ڪا جديد بنيادن تي جاچ ڪرڻ جي ڪتا گھرايا وڃن ٿا. اھي کوجي ڪتا جن کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي  عدالت پڻ رد ڪري چڪي آھي ته قانوني طور ڪنھن جي گھر يا ڪٿي  ڪتي جو ويھڻ قطعي اھو ثابت نٿو ڪري ته ان گھر جو مالڪ ڏوھه جو ڏوھي آھي ان باوجود ڪتن واري پارٽي ڪٿي به ڪا ڪاروائي ڪرڻ کان اڳ اتان جي حد جي ٿاڻي تي وڃي انٽري ڪن ٿا. ان انٽري جو مطلب ھوندو آھي ڀاڳي وٽان ملندڙ ڪتن جي في وارا پيسا ونڊي ورڇي کائبا ۽ پوءِ پوليس پويان ۽ ڪتا اڳيان اڳيان ھوندا آھن ۽ ڪتو جانور آھي جيڪو جتي ٿڪجي پوندو آھي اتي ويھي رھندو آھي ۽ جتي ويھي رھيو سمجھو ان غريب جي گھر تي ٽانڊو ڪري پيو، پوءِ ڀل ھو ڪيتريون صفايون پيش ڪري پر ڪتي آڏو اھي سڀ جو سڀ بيڪار ھونديون آھن. اسان اڪثر ڪتن جي اھڙين ڪاررواين جون رپورٽون ڪندي اھا ڳالھه بار بار نوٽ ڪئي آھي ته جنھن وقت ڪتا ايندا آھن ته انھن سان گڏ ايندڙ مالڪ انھن ڪتن کان وڌ شاطر ھوندا آھن جيڪي اچڻ سان مالڪ کان پڇندا آھن اوھان جو ڪنھن ۾ شڪ ۽ پوءِ اھي اگر چوندا ته ھا اھي سامھون جيڪي گھر آھن انھن ۾ شڪ آھي ۽ پوءِ ڪتن جو اھو تربيت يافتا مالڪ اداڪاري ڪندي ڪتي کي آس پاس ڪجھه ڪلاڪ ڦيري گھيري ان گھر ۾ وڃي ويھاريندو ۽ پوءِ مالڪ ۽ پوليس جا ان گھر وارن جي ڳچي ۾ ھٿ ھوندا سنڌ ۾ اڄ تائين ڪتن ڪنھن به  اصل ڏوھاري جي نشاندھي ناھي ڪئي پر شڪ جي بنياد تي ڪتن جي ويھڻ سان کوڙ نقصان ضرور ٿيا آھن جن ۾ اڪثر جھيڙا پڻ ڪتي جي ويھڻ تي ٿين ٿا. اتر  سنڌ ۾ ٿيندڙ وڏن قبائلي تڪرارن جي ٻين سببن سان گڏ ھڪ سبب کوجي ڪتي جو ڪٿي غلط ويھڻ به آھي، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به قانوني ياشرعي طور ڪتي جي ويھڻ تي ڪنھن کي ڏوھي قرار ڏيڻ سراسر غلط آھي. نه فقط سنڌ پر پوري ملڪ ۾ غير قانوني طريقن سان اھڙا ڊاگ سينٽر ٺاھيا ويا آھن جيڪي ڪٿي به سرڪار جي ڪنھن کاتي ۾ شامل ناھن نه وري ڪنھن جي ڪا رجسٽريشن ٿيل آھي اھوئي سبب آھي جو ڪيترن واقعن ۾ اسان ڏٺو آھي ته اھي ڪتا بلڪل ڊارمو آھن. هڪ نجي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ ته  انھن ڪتن جي ڊارمي کي  سڌو سڌو ظاھر ڪيو ويو ھو.انهي پروگرام جي ٽيم پاڻ انھن کي فون ڪيو ۽ جڏھن اھي آيا ته انھن کي خوار ڪيو تڏھن ڪتن سان آيل ھمراھه انڪشاف ڪيو ته ڪتن کي اسان پاڻ جتي چاھيون ويھاريندا آھيون !

ان مان صاف ظاھر آھي ته ڪتن جو چورن کي يا ڏوھن کي ڳولڻ سواءِ ھڪ ڊارمي بازي جي ٻيو ڪجھه به ناھي جيڪي صرف پيسا ڪمائي ۽ ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙھائي وڃن ٿا .ڪجھه وقت اڳ ميھڙ ۾ پڻ ھڪ گھر ۾ لڳل ڌاڙي جي ڳولا لاءِ جڏھن ھمراھه کوجي ڪتا گھرايا تڏھن ڏاڍو عجيب اتفاق ٿيو ته ڪتو چوري ٿيندڙ ھمراھه جي کٽ تي وڃي ويٺو ۽ ھمراھه ڪاوڙ ۾ اچي ڏنڊو کڻي ڪتي کي ورتو ۽ ڪتي جي مالڪ ڪتي سميت ڀڄي جان ڇڏائي .اسان سڀني کي اھا خبر ھجڻ گھرجي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو تربيت يافتا  کوجي ڪتن جو سينٽر  پنڊي ۾ آھي جن کي  صرف حساس ادارا استعمال ڪن ٿا باقي پوري ملڪ ۽ سنڌ ۾ قائم ڊاگ سينٽر بوگس آھن جن جي ڪابه قانوني حيثيت ناھي ان ڪري انھن جي ٺڳين کان بچڻ گھرجي. حيرت ان ڳالھه تي آھي ته ھن جديد دور ۾ به جتي ٽريسنگ جا جديد اوزار موجود ھجن جتي فنگر پرنٽس وسيلي ڪنھن به ماڻھو تائين پھچڻ بنھه آسان ھجي اھڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ به اسان جي پوليس ڪتن جو سھارو وٺڻ تي مجبور آھي. پوليس کاتي کي ملندڙ ڪروڙين روپيا خبر ناھي ڪنھن جي ڀڀ ۾ ٿا وڃن جو ڪنھن به ڏوھه تائين پھچڻ لاءِ انھن ڪتن تي ڀاڙيو وڃي ٿو جيڪي سوا ٺڳي جي ٺاھه جي ٻيو ڪجھه به ناھن. وفاقي سرڪار ۽ خاص طور تي سنڌ سرڪارکي انھن کوجي ڪتن جي کوج تي پابندي لڳائڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته انھن جي غلط ويھڻ ڪري ڪيترا  بيگناھه  مسڪين ڦاسي وڃن ٿا ته وري ڪٿي اھي ڪتا وڏي ويڙھاند ۽ قبائلي تڪرارن جو سبب پڻ بڻجن ٿا.

ان ڪري ڪروڙين روپين جي بجيٽ رکندڙ سنڌ پوليس ڪتن تي ڀاڙڻ بدران پاڻ تي ڀاڙي ۽ ڏوھه ڪندڙن کي جديد طرز ۽ طريقن سان ڳولي پنھنجو فرض پورو ڪري !!!!