شاھه لطيف، هڪ عظيم شاعر 

0
445

 شاعري هڪ آرٽ آهي، جنهن ۾ شاعر پنهنجي ڪيفتن ۽ خيالن جو اظهار ڪندو آهي ۽ پنهنجي دور جي تضادن تي سوچيندو آهي. لطيف پنهنجي دور کي عقلي انداز سان بيان ڪيو آهي. لطيف وٽ شاعري هڪ فن آهي، اهڙو فن جنهن مان ڪجهه غير معمولي آدرشن ۽ تصورن جو اظهار ڪري سگهجي. حقيقت ۾ ڪنهن به شاعر جي شاعري کي سمجهڻ جي پهرين وک هي آهي ته ان شاعر جي دور جي مڪمل تاريخ جي آگاهي هجي. هڪ شاعر جو پنهنجي دور سان گهرو لاڳاپو هجي ٿو، هو دور جي حالتن کان متاثر ٿي لکي ٿو يا حالتون ان تي اثر انداز ٿين ٿيون. ڪي شاعر ته خود پنهنجي ئي دور تي اثر ڇڏيندا آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهي شاعري جي دنيا ۾ زبردست لاڙا، نظريا ۽ آدرش ارپي اهڙي ڇاپ ڇڏي ويندا آهن، جو صديون انهن جي سحر ۾ رهنديون آهن. لطيف جي شاعري تي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ به مغز ۾ اها مت هجڻ ضروري آهي ته سندس دور جون معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتون ڇا هيون؟ لطيف جهڙو ذهين ماڻهو ظاهر آهي ته انهن حالتن کان بي خبر ڪيئن ٿي سگهي؟ جيستائين اسان هن قومي انقلابي شاعر جي دور کي نٿا سمجھون تيستائين هن شاعر جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجھڻ مشڪل آھي. هن ته ان دور جي نه صرف حالتن کي محسوس ڪيو آهي، پر ان ڪرب کي شاعري جي روپ ۾ اظهاريو به آهي. اهو اظهار لطيف اهڙي ته پر اثر طريقي سان ڪيو آهي، جو ان زمانن جي ضمير کي جاڳائي، ستل شعور کي جنجهوڙي وقت ۽ حالتن جي ادارڪ لاءِ پئي اظهاريو آهي. لطيف جي رچنا اندر ۾ ٻارڻ ٻاري ٿي. تخيل جي اُڏام Awe-inspiring آهي. هو ڪاهلي ۽ جاهلي جي روين کي ترڪ ڪري منزل مقصود لاءِ سورهيائي سفر جو همسفر ٿي هلندو رهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هو ٿڪجڻ جي وائي نٿو ورجائي، منزل پنهنجي جاءِ تي، منزل جي حصول لاءِ هلندو رهڻ لطيفي فلسفو آهي. انور پيرزادو “ڀٽائي جي شاعري ۾ سياسي ۽ سماجي وحدت الوجود” ۾ چوي ٿو: “جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ هاري پورهيت جي حقن جي وڪالت ڪرڻ سياست آهي ته پوءِ ڀٽائي جي انهي بيت لاءِ ڇا چئجي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته “پنڻ جي پورهئي مان، ڪنهن نه ڀريا پل ،هاري سي امل، هر جنين جي هٿ ۾”. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ جيلن ۾ بند ماڻهن کي سياسي نظر بند ڪوٺيو وڃي ٿو، ۽ انهن جي آزادي جا مطالبا ڪرڻ سياست آهي ته پوءِ مارئي جي ڪردار، عمر جي قيد ۽ ڀٽائي جي سر مارئي کي ڪهڙي طرح غير سياسي سڏي سگهجي ٿو ۽ ساڳي طرح جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ ڪنهن ڌاري فوج پاران پنهنجيون سرحدون اورانگهي ٻئي ملڪ تي حملو ۽ ان حملي خلاف مزاحمت کي سياست سڏجي ٿو ته پوءِ 1739ع ۾ نادر شاهه پاران سنڌ تي ڪيل حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ آندل تباهي خلاف رسالي ۾ ڏنل اشارا ڪيئن غير سياسي آهن. “گهوڙا گهڻي ڀونءِ، ووءِ، ووءِ، وڃن نڱئا / مادر مٿان مون، ڪانگ لوندا ڪڏهين.” لطيف جو فڪر ڌرتي واسين سان گڏ بيھي کين جدوجهد لاءِ اتساهي ٿو، ھو ظالم نظام جي خلاف  مزاحمت ڪري ٿو. هو تاريخي شعور به رکي ٿو، ته معاشي نظام کان به آگاهه آهي. لطيف وٽ جياپي جي راهه جدوجهد آهي. هو ٻڌائي ٿو سانگي ڪهڙين حالتن ۾ سکي رهي سگهن ٿا؟ بهتر رياستي نظام ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ انسانيت، ڀرم، ويساهه ۽ سک ڪهڙي فضا ۾ هجن ٿا؟ غلامي ڪيئن بدتر هجي ٿي؟ مارئي جي پڪار کي ف م لاشاري “شاهه لطيف_سماجي مفڪر” ۾ چوي ٿو ته “ڀٽائي ملير کي عمرڪوٽ جي معاشي نظام کان اُتامرو قرار ڏئي ٿو، جو اتي محصول ڪونهي. مارئي جي قيد بند ۾ گهارڻ جي حوالي سان رياستي ادارن جي سزائن جي اوزارن جو ذڪر ڪيل آهي: ڳٽ، هٿڪڙول، ٻيڙيون، ڪوٺيون، ڪير ۽ ٻيا تمام گهڻا اصطلاح ڄاڻايل آهن. جاسوسي جي نظام جو به هن مشاهدو ڪيو آهي. ملير لاءِ ٻڌائي ٿو ته “نه چاري چوگانن ۾، نه واهيت ڪن وزير”. عمرڪوٽ جو نظام عوام جي نمائندگي نٿو ڪري. ملير عوامي آزادين ۽ اُمنگن جو مثالي نمونو آهي.”لطيف جي شاعري قومي، انقلابي ۽ اتساھه ڏيندڙ آھي، پر وقت جي رجعت پرست مؤرخن، محققن، ۽ دانشورن اُن جي مطلب ۽ مفھوم کي ڦيرائي من گھڙت تشريحون ڪيون آھن. انھن تشريحن ۽ دعوائن عام پڙھندڙ تي ايترو ته اثر ڇڏيو، جو ماڻھو سمجھڻ لڳا ته لطيف آھي ئي ڪنھن ٻي “سياري” جو شاعر، باقي سنڌ، سنڌي ماڻھن، انھن جي درد ۽ مسئلن کان منھن موڙي ٿو! ھُن ۾ روحانيت جون رمزون آھن، باقي حقيقي مادي دنيا سان ڪو واسطو ڪونھي! اسان کي اھڙن راين لاءِ احترام آھي، پر لطيف پنھنجي ڳالھه ۽ مؤقف ۾ سنڌي عوام جو نمائنده شاعر آھي. محمد ابراهيم جويو “شاهه سچل سامي” ۾ ٻڌائي ٿو ته “ هنن جي سامهون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، با وقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب هو ۽ انهن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو به هو. ٻيائي ۽ ويڇي کي هٽائڻ جو، پنهنجن کي پنهنجو ڪرڻ جو، ٻڌي ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪي ۽ سونهن کي پاڻ ارپڻ ۽ انهن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻهپي جو، ماڻهو جي مرياڌا ۽ مان ۽ ماڻهو جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تهذيب جي عروج ۾ پنهنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقي جي جدوجهد ۾ ڀاڳي ڀائيوار ٿيڻ جو.” (ص.77)

ھن سماج جي غلامانه نفسيات لطيف کي عوام جو شاعر سمجھڻ بجاءِ “ سرڪار ” سمجھي ٿو، سندس فڪري گھرائپ کي  اپنائڻ بجاءِ باسون باسي ٿو. خود لطيف وٽ سماجي قدر ڪي آفاقي قدر نه آهن. هو سمجهي ٿو ته بيٺل پاڻي جي تلاءٌ ۾ هڪ لهر اُڀارجي ته جيئن فرسوده ريتن ۽ رسمن، واهيات مروج قدرن ۾ ڪا جدت محسوس ٿئي، سُر ۽ تال ۾ ڪا منطقي صدا جنم وٺي، هوائن جا رخ موڙي تنبورو اهڙي ڌُن ڇيڙي جيڪا ايئن هجي: “تڙ تڪڻ، تار گهڙڻ، اي ڪاڻيارين ڪم”.

ڪنهن به سماج جي مهذبپڻي ۽ سڌريل هئڻ جي پرک ان سماج ۾ عورت جي سماجي حيثيت، آزادي ۽ خودمختياري مان لڳائي ويندي آهي. لطيف عورت جي مرتبي لاءِ ڳائيندي پنهنجو شعر سندن واتان چيو آهي، پنهنجي جذبن جي نمائندگي عورت جي واتان ڪئي آهي. لطيف زرعي سماج ۾ جاگيردارانه قدرن کان واقف ٿي، نه صرف عورت جي مظلوميت تي شعر سرجيا آهن، بلڪه انهن جهانگين ۽ سانگين جي پاسي ٿي سندن پورهيت ڪرت تي لکيو آهي. هن استحصال پسند ٽولي کي هارين ۽ مزدورن جي رت ۽ ست تي پلجندي ڏٺو هو. ڀٽائي دوکي جي وانجھارن ۽ ڪانئرن جي ڪرڪوتن کي ڏسي بيدار ڪيو ته “ ستين ڪهڙي سار، وڄ کوندءِ وسرا، تو جيڏا تو يار، لهرين لهوارا ڪيا”. سائين جي ايم سيد “پيغام لطيف” ۾ لکي ٿو ته “ شاهه صاحب جي طبع جو رجحان سوشلزم طرف هو، تنهنڪري ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته هو اهڙي نظام جي برخلاف هجي، جنهن مان سندن مارو ۽ سنگهار، بکيا، اُڃيا، اُگهاڙا ۽ بي گهر خانا بدوش زندگي گذارين ۽ چند شاهوڪار طبقي جا ماڻهو پيا مزا ماڻين. مارئي جو مثال ڏيئي هو ٻڌائڻ گهري ٿو ته، اها ڪيڏي به قيمت تي، سواءِ مارن جي سکئي ٿيڻ جي پنهنجي شخصي حالت بدلائڻ لاءِ تيار نه آهي. هو باوجود عمر جي هزار آڇن جي مارن کانسواءِ پاڻ کي سکي نٿي سمجهي، جڏهن هن جا مارو ولهه ۾ سمهن ٿا ته هو ڪيئن سوڙن ۾ سمهڻ برداشت ڪندي.” (ص.177)

 لطيف سنڌي ماڻھن جي جذبن جي اغوا تي احتجاجي آھي، ته “سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري” جهڙيو سٽون لکي هو وطن دوستي جي به پرچار ڪري ٿو. ھو ظالم ۽ آمر قوتن جي خلاف لکي ٿو ته حملي آور ڦورو لُٽيرن سان گڏ بيھڻ بجاءِ سندن اھڙي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ جي رويي  جي مذمت به ڪري ٿو، ماروئڙن جي ساٿ ۾ حقيقي آزادي جي آدرش جي سڀاءُ جي راهه ٻڌائي ٿو.

سنڌ لطيف جي دور ۾ ڌارين جي يلغار جو شڪار ٿي هئي، ۽ هن لکيو هو ته “ ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا”.. لطيف جي شاعري سندس دور جو اتهاس آهي، ۽ ان اتهاس جي اولڙي ۾ هو انسان کي فڪري طور مضبوط ڪري ٿو. پاڻ جوڳين، سامين سان گڏ هو، اهو انتها پسندي خلاف اُٿڻ جو عملي روپ هو. لطيف ان وقت ڏٺو هو ته سنڌ جو ماڻهو احساس محرومي جو شڪار آهي. هو جاڳڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿو ته “ جاڳو جاڙيجا، سَما! سک ۾ سمهو…” تنوير عباسي مضمون “ شاهه لطيف جي شعر ۾ سماجي اوسر جو تصور” ۾ لکي ٿو ته “شاهه لطيف جي دور جي سنڌ جو پڻ اهو ئي حال هو. ڌارين جون ڪاهون، خونريزي، تباهي. ان تنهائي جي احساس کي ختم ڪرڻ، ماڻهن جي هڪٻئي ۾ اعتماد کي بحال ڪرڻ، محبت، خلوص ۽ مروت جي جذبن کي فروغ ڏيڻ لاءِ لازمي هو ته اهڙا قدر واضح ٿين جو ماڻهو هڪٻئي سان گڏجي ويهن، تنهائي جو احساس ختم ٿئي، ڪو به پاڻ کي اڪيلو نه ڀانئي، اجتماعيت جو شعور پيدا ٿئي.” تاريخ ۾ رقم آھي ته، سنڌ تي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو راڄ سڀاويڪ نه ھو. سماجي اوسر ۽ علمي حصول تي ڄڻ ته “راتاھو”  ھو. جيتوڻيڪ، دريا خان جي شھادت لطيف جي دؤر کان اڳ جو واقعو آھي، ساموئي وٽ رت ريج  ٿيا ۽ دريا خان  جنگي مقابلي ۾ شھادت جو جام نوش ڪيو ۽ سنڌ تي مرزا شاھه بيگ ارغون قابض ٿي ويو. ان کان پوءِ ڪجھه سال بعد مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙھي شھيد ڪيو ويو… 1739ع جي آخر ۾ سنڌ تي نادر شاھه ايراني  حمله آور ٿئي ٿو، ڪلھوڙا نادر شاھه سامھون ڍال بڻجي نه سگھيا. شاھه لطيف غاصب قوتن  حمله آورن خلاف  گونجار ڪري ٿو. ھو نادر شاھه جي ڪاھ تي خاموش نه آھي:

 متو آھين مڇ، ٿلھو ٿيو ٿونا ھڻين،

تو جا ڀائين اڇ، تنھن پاڻي پُنا ڏينھڙا.

تاريخ ۾ درج آھي ته 1658ع ۾ اورنگزيب، پنھنجي پيءُ کي قيد ڪرائي، حڪومت جون واڳون سنڀاليون، سندس سرپرستي ۾ ڀاءُ دارا شڪوھه ۽ صوفي سرمد جي قتل جا پيرا پڌرا آھن. اھي واقعا لطيف جي دؤر جي ويجھڙ جا آھن. شاهه جي شعر ۾ منصور حلاج جو به ذڪر آهي، جنهن کي اناالحق اُچارڻ تي قتل ڪيو ويو، جنهن جي احتجاج ۾ هن “همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهين” لکيو هو. شيخ اياز پنهنجي مضمون “ شاهه لطيف_ هڪ مفڪر” ۾ اها راءِ رکي ٿو ته “ شاهه صاحب صوفي شاعر هو پر تصوف جي ان مسلڪ جو قائل نه هو، جيڪو انسان کي تارڪ الدنيا بناڻي ڇڏي. شاهه صاحب ان جي اُبتڙ زندگي کي ماڻڻ جي تعليم ڏني آهي.” شاھه لطيف جو ھمعصر صوفي شاھه عنايت “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو ھڻي ٿو. شاھه عنايت جي تحريڪ سنڌ جي خوشحالي جو اھڙوخواب ھو، جيڪو ھارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ اُٿياڪ ٿي ھئي.(جاري آهي )