نئين دهلي(دلچسپ نيوز) جاڙين ڌيئرن جي فوت ٿيڻ واري تاريخ عورت جاڙين ڌيئرن کي جنم ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ ڀاڳيا لڪشمي نالي عورت جون جاڙيون ڌيئرون 15 سيپٽمبر 2019 تي فوت ٿيون، ٻيڙي ٻڏڻ سبب ٿيل ان حادثي عورت جي دنيا ويران ڪري ڇڏي هئي ۽ هو هر وقت اداس اداس رهندي هئي، ڀاڳيا لڪشمي 2021 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اميد سان ٿي وئي، ڀاڳيا لڪشمي لاڳيتو ٻن سالن جي جدائي بعد 15 سيپٽمبر 2021 تي هڪ ڀيرو وري جاڙين ڌيئرن کي جنم ڏنو، ڊاڪٽرن ٻئي نياڻيون صحتمند قرارڏئي ڇڏيون سندن چوڻ آهي ته هڪ نياڻي جو وزن 1.9 ۽ ٻي نياڻي جو وزن 1.6 ڪلوگرام آهي. ان حوالي سان ڀاڳيا لڪشمي جي مرس اپالا راجو جو چوڻ آهي ته اسان کي اميد نه هئي ته کين وري جاڙيون ڌيئرون ملنديون پر هو هاڻي تمام گهڻو خوش آهن جڏهن ته سندس زال کي به ٻيهر نئين زندگي ملي وئي آهي.