ڪولاراڊو(دلچسپ نيوز) اوهان جو هٿ هاڻ سينيما ۽ ڪنسرٽ ٽڪيٽ بڻجي سگهندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي ڪمپني ايميزون هٿ جي اسڪيننگ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندي. ايميزون ون جي نالي سان اها ٽيڪنالاجي انٽرٽرينمينٽ انڊسٽري ۾ آندي ويندي، ٽيڪنالاجي وسيلي هٿ کي اسڪينر تي رکي سينيما جو ڪم وٺي سگهجي ٿو جڏهن ته تفريحي ٽڪيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ به ان ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويندو. ڪمپني انتطاميا جو چوڻ آهي ته سڀ کان پهرين ان کي ڪولاراڊو ريڊ راڪس امفي ٿيٽر ۾ داخلا لاءِ ايميزون ون کي آزمايو ويندو ڇاڪاڻ ته اتي تمام گهڻا تفريحي پروگرام ٿين ٿا