جاپان ۾ ڪروڙين سال قديم ڊائنوسار جي نئين نسل جي باقيات هٿ

0
511

ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) جاپان ۾ ڪروڙين سال قديم ڊائنوسار جي هڪ نئين نسل جي باقيات هٿ اچي وئي آهي جنهن جي ڊيگهه 24 فٽ آهي ۽ اهو زمين تي 7 ڪروڙ سال اڳ آباد هو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي هوڪائيڊو يونيورسٽي جي محقق يوشينسوگو ڪوبايانشي پنهنجي ٽيم سان گڏ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڊائنوسار جو ڍانچو هٿ ڪيو آهي. سائنسدانن کي 2013 ۾ ان ڊائنوسار جي صرف پُڇ جي هڏي ملي هئي پر لاڳيتو محنت ۽ ڀرپاسي جي زمين تي کوٽائي کان پوءِ ماهر هاڻي ان ڊائنو سار جو مڪمل ڍانچو هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.جاپاني سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته هي ملڪ مان ملندڙ هينئر تائين جو سڀ کان وڏو ڊائنوسار آهي جنهن جي ڊيگهه 8 ميٽر يعني 24 فٽ آهي جڏهن ته مرڻ وقت ان جي عمر 9 سال ۽ وزن 4 کان 5 ٽن جي وچ ۾ ٿي سگهيو ٿي.ڊائنوسار جو هي نسل سبزي خور هو ۽ گهڻو ڪري سمنڊ ڪناري رهڻ پسند ڪندو هو. هي ڊائنوسار زمين تي 7 ڪروڙ 20 لک سال اڳ آباد هو پوءِ ڪنهن وڏي سانحي جي ور چڙهي ويو.