حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي صدارت ۾ پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايڊوڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، نور احمد ڪاتيار، ايڊوڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقارآباد ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف جدوجهد جاري رهندي ۽ عوامي تحريڪ پاران 11 جولاءِ تي ڪراچي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ جي سياسي قيادت، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، بلوچ، پختون ۽ سرائيڪي قيادت کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، زمينن جي نيلامي، بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي دهشتگردي جي ڪوڙن ڪيسن ۽ مقامي مسئلن جي حوالي سان جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ لاڙ بچايو ڪانفرنس، ملير بچايو ڪانفرنس، ڪاڇو بچايو ڪانفرنس، ٿر بچايو ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌياڻيون، پارٽي ڪارڪن ۽ عوام دوست شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته سنڌ سرڪار ڊڪٽيٽرن جنرل ضياءِ ۽ جنرل مشرف وارو رستو اختيار ڪيو آھي پر سنڌ سرڪار ڀلي ڪيتريون به اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي دھشتگردي جون ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪرائي پر سنڌي عوام توڙي قومپرستن پاران حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جاري رھندي.