ثاقب نثار جي آڊيو ليڪ سان عدليه بابت ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن: شرجيل ميمڻ

0
243

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي نئين آڊيو ليڪ سان عدليه بابت ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن، پردي ۾ موجود شيون ٻاهر اچي رهيون آهن، ثاقب نثار جو سمورو دور سواليه نشان بڻجي چڪو آهي

ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ثاقب نثار عمران خان جي ٽائيگر فورس جو حصو هو، ڇا ثاقب نثار جا سمورا فيصلا اَن ڊُو نه ٿيڻ گهرجن؟

هن چيو ته عمران خان انٽرويو ۾ اهو خطرناڪ انڪشاف ڪيو ته هن آگسٽ ڌاري ايوان صدر ۾ جنرل باجوا سان ملاقات ڪئي هئي

ان کان اڳ هو باجوا خلاف مهم هلائي رهيو هو، جنرل باجوا عمران خان سان ايوان صدر ۾ ڇو مليو؟ عمران خان جي انٽرويو تي سو مو ٽو ٿيڻ گهرجي