سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻن ٽن ڏينهن اندر طاقتور سسٽم تحت وسڪارن جو امڪان

0
252

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻن ٽن ڏينهن اندر طاقتور سسٽم تحت وسڪارن جو امڪان  آهي

موسميات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن تائين سنڌ ۽ پنجاب جا ميداني علائقا گرميءَ جي لپيٽ ۾ رهندا، گرمي پد 40 کان 44 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو

27 يا 28 اپريل کان ٺهندڙ هڪ طاقتور سسٽم تحت برساتن سبب گرميءَ جو زور ٽٽي پوندو

برساتن جو نئون سسٽم 6 يا 7 مئي تائين ملڪ تي اثر انداز رهندو، ايران ويجهو عربي سمنڊ ۾ سرڪيوليشن ٺهيل آهي، ان جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ سٺي وسڪاري جا امڪان آهن، سنڌ جي 80 کان 90 سيڪڙو علائقن ۾ برساتن جا امڪان آهن