توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عمران خان کي نوٽيس جاري

0
213
توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آھن، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اليڪشن ڪميشن ڪيس تي ٻڌڻي هلائي

عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ دير جو شڪار ڪيس ڪنهن هڪ هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي

اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته هو عام ۽ مڪاني چونڊن جي تياري ڪن يا ڪيس وڙهن، عدالت عمران خان، فواد چوڌري ۽ ٻين خلاف نوٽيسز جاري ڪندي ٻڌڻي 15 ڏينهن ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

سائفر سازش معاملو ختم ٿي چڪو، هاڻ آمريڪا تي الزام ناهيان هڻندو: عمران خان

عمران خان تي حملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: پي ٽي آءِ، سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو