تنگواڻي (رپورٽ: لطف سنڌي) تنگواڻي ڀرسان ڏوهاري کي هاف فراءِ ڪرائڻ جي پلاند ۾ هٿياربندن جو حملو، نوجوان قتل، واقعي خلاف ملڪ برادري جو انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو، خبرموجب ڳوٺ جيئو ملڪ ۾ هٿياربندن حملو ڪري نوجوان عثمان ملڪ کي يرغمال بڻائي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري روڊ تي اڇلائي ڇڏيو، اطلاع تي وارثن پاران پهچي نوجوان کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن زخمن جي سٽ نه سهي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته 8 مهينا اڳ موٽرسائيڪل چوري ڪندي پڪڙيل ڏوهاري نڪيف نندواڻي کي هاف فراءِ ڪرڻ واري معاملي جي پلاند ۾ هٿياربندن حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪيو. ان ڏس ۾ واقعي خلاف ملڪ برادري جي ماڻهن نظام ملڪ، اصغر ملڪ، رئوف ملڪ، وهاب ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺل ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس جي رٽ ڪمزور ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪري ويا، هنن چيو ته اطلاع باوجود پوليس ڪيترائي ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.