فيض گنج (ن پ ا) گهوٽڪي مان اغوا ٿيل فيض گنج واسي ڪاٺ جا واپاري محمد حسن راڄپر ۽ بشير مجيداڻو جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي به اپاءَ نه ورتا. ڏوهارين پاران ڀنگ لاءِ بار بار فون اچڻ تي وارثن پوليس مان آسرو لاهي راڄوڻي ذريعي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جون ڪوشش ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ مغوي بشير مجيداڻو جي پٽ ياسين مجيداڻو تصديق ڪندي چيو ته ڏوهاري فون ڪري چون ٿا پئسا ڏيو نه ته ٻنهي مغوين کي ماري ڇڏينداسين يا ڌاڙيلن جي ٻئي ٽولي کي کپائينداسين.هن چيو ته تازو 80 لک ۾ زمين کپائي آهي، پر هڪ ڪروڙرپيا ڏوهاري ڀنگ طلب ڪري رهيا آهيون اسان غريب پورهيت آهيون ڪٿان پئيسا ڏيون. پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جنهن نمبر تان ڪال ڪئي وئي آهي، اهو نمبر ٽريس ڪرايو آهي، ان جي لوڪيشن اوٻاڙو جي ڪچي واري علائقي جي آهي. مغوين جي بازيابي لاءِ گهوٽڪي پوليس سان رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته مغوين جي گهرن ۾ قرآن پاڪ جو ورد هلندڙ آهي، ذريعن موجب ڀنگ جا پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ مغوين جا وارثن بندوبست ۾ لڳل آهن.