تنگواڻي ڀرسان دوست پاران گهران سڏي دوست مبينا طور قتل

0
211

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ هزار خان بجاراڻي ۾ دوست پاران گهران دوست کي مبينا طور تي تشدد ڪري قتل ڪر ڇڏيو آهي

مقتول نوجوان جي امڙ ولائتان خاتون جو چوڻ آهي ته پٽ الهڏنو ملڪ کي پنهنجي دوست صدام ملڪ گهران سڏ ڪري وٺي ويو جنهن بعد هن ٻڌايو ته هوٽل تي چانهه پي واپس ٿيندس پر هو گهر واپس نه آيو ۽ اڄ صبح خبر پئي ته پٽ جو لاش تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد لاڙو _ رسول آباد وٽ مليو آهي

مقتول نوجوان جي وارثن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري قاتلن کي پڪڙي انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڳڙهي خيرو ڀرسان ھٿياربندن جو حملو، پيءَ ۽ پُٽ قتل