هندستان جا سنڌ تي حملا

0
209
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

 شفيع فقير سموري سنڌ ته ڇا پر کيس جڳ پڌري گائڪ جو ٽائيٽل عنايت ڪجي ته ان ۾ ٽڪي جو به مبالغو نظر نٿو اچي. اوڻيهه سئو پنجهٺ واري جنگ دوران موصوف چئن سالن جو هو. هندستان راجستان سيڪٽر تان سنڌ ڏانهن ڪاهه دوران سڀ کان پهرين گڍڙي رامسنگهه واري شهر کي نشانو بڻايو. صبح جا سج جا ڪرڻا مس مس ظاهر ٿيا هئا، جهازن انهي ڊرائي پورٽ ٽائيپ ڪاروباري مرڪز تي بم ڪيرائڻ شروع ڪيا. مون پنهنجي ڍڳي مڙهي ڏانهن رواني پئي ڪئي. دونهين جا بادل ڪالهه ڪالهو ڪڻي ڏينهن جيان اڄ به اکين ۾ محفوظ آهن. اسان کان گڍڙو ڇهه ست ڪلو ميٽر مس ٿيندو. هي شهر ٺڪرن جي بجيراءِ نک وارن پڌرايو هو. ڏاهلي، پارڻو ۽ گڍڙو سندن ننڍيون رياستون رهيون آهن. هڪ سو سال اڳ جوڌپور جي راجا جڏهن راجا ريل ذريعي راجستان کي سنڌ سان ڳنڍيو پئي تڏهن گڍڙا روڊ جي نالي واري اسٽيشن هند ۾  جوڙي هئائون جڏهن ته گڍڙا سٽي جي نالي سان شهر سنڌ ۾ اچي ٿي ويو. وچ ۾ بائونڊري ڪميشن کان به اڳ ٽالپر دور واري سرحدي لڪير هئي ٻنهي شهرن جو مفاصلو ڇڪي تاڻي پنج ست ڪلو ميٽر مس ٿيندو.

تڏهن بار برداري لاءِ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ اُٺ گاڏا هلندا هئا. اهڙو ڦٽل سٽل ٽريڪ هن وقت به ماضي جي مزار جيان پنهنجي وجود کي وائکو ڪري رهيو آهي. مڱڻهارن فقيرن جو پاڙو دهلن دمامن سان مزين هن شهر ۾ موجود هو. هندستاني فوج جيئن شهر کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو تيئن کين گرفتار ڪري ٻاهڙمير ضلعي جي سول پوليس حوالي ڪيائون. ڪي مهينا اهي سدورا شرنارٿي بڻجي انڊين ڪسٽڊي ۾ رهيا. مهاجرن کي هندي ٻولي ۾ شرنارٿي چئبو آهي، جيئن انگريز ريفيوجيز  جو لاحقو لڳائيندا آهن. اسانجي ڳوٺ جو يعقوب بن رومالي ۽ پاڙيسري ڳوٺ سکڀال جو جمعون ڪانهياڻي به گرفتار ٿيا هئا. ايئن هندستان انهي جنگ دوران رام ترائي، راڻ، ڪونڀي جو پار، شڪرڀونءِ،  اڻهيو، ڪنهاري، گوگاسر، ايٽڪاڻ، آسراڙيو، جوڳي ويرو، ڌنياڪر، ڏونگر ويرو، عيداڻي، تاجياٻهه، ڪاٺو. گراڙيو، جمال جي ڍاڻي، گانڌي جي ڍاڻي،جيسي جو پار، پٻڻيون ۽ نملو  جهڙا هڪ سوکن ڳوٺ پنهنجي گوڏي هيٺ آڻي اتان جي ماڻهن کي ڦري کين ڏاڏي جي گئاڙي کان محروم ڪري دربدر جي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. ست ونجهاهه سال ٿي چڪا آهن، پر مون کي چٽو ياد آهي ته اسان لڏپلاڻ ڪري چاليهه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي فتح جي پار ڳوٺ ۾ وڃي پناهه گزين ٿيا هئاسين. ميهندري جي پار ۽ کوکرو پار ڏانهن ويندڙ رستي تي ڇهي جوٺنٺ اڄ به  جون ڪا تون موجود آهي. ڀرسان هن قت پڪو روڊ ٺهيل آهي جيڪو لاکڻيون رڙاڪر، مهراڻ ويرو، سڄڻ پار،انو پاڻي ۽ ويراڙو کي ڳنڍي ٿو.

انهن ماڳن ۽ مڙهن ۾ ٻڪراڙ بڻجي اسان به چائوريون، ڪريون ۽ ڪاڇڻ ٻڪريون دل سان چاريون سين. سامهون چرندڙ ڇانگ جا مٽر لاهڻ وارا ٻاراڻا ڪرتوت ڪيئن ٿا وساري سگهجن. هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهمسان جي جنگ ڏاهلي جي ڏهر ۾ لڳي هئي، جتي جا نٿر واري مٿاري تي بيٺل ٽئينڪ انڊين آرمي جا آنڊا اوجهريون ڪڍي کين عبرت ناڪ شڪست ڏني هئي. اسان ناني سادلي جي ريڊيو تان هيري ٺڪر جي آواز ۾ آڪاش واڻي جي سنڌي سروس وارا بيانيا به ٻڌا. موصوف ساهتي پر ڳڻي واري سنڌي لهجي ۾  خبرون پڙهندي چوندو پيو هو ته “اسانجي بهادر فوج دشمن جا ڏند کٽا ڪري نهايت تيز رفتاري سان امرڪوٽ ڏانهن ڌوڪيندي پئي وڃي”، پوءِ گڍڙي کان وٺي ڪيهرلو تائين رستي ۾ ايندڙ اسانجي مانوس ڳوٺن جا نالا کڻندو هو تڏهن اسا کيس جن ڀوت جو  جڻ ٻچو سمجهي محسوس ڪندا هئاسين ته ريڊئي ۾ گاگهو ويٺو آهي جنهن کي ذري پرزي جي خبر آهي.

انهي جنگ ۾ پير سائين پاڳاري صدر ايوب جي اپيل تي پنهنجا پندرهان هزار حر فقير عمرڪوٽ قلعي ۾ گهرائي فوج حوالي ڪيا هئا. پير صاحب ولوله انگيز بزميائي نه پر رزميائي بيانئي ۾ ارشاد فرمايو پئي ته “دشمن اسان جي ڌرتي تي ناپاڪ قدم ڌري چڪو آهي، کيس عبرتناڪ شڪست ڏيڻ لاءِ اوهان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بزدل ۽ مڪار حملي آور تي ببرشير بڻجي ٽٽي پئو.” پاڻ علي ڳڙهه جي پڙهيل خليفي عاقل هنڱوري، شهيد امين فقير منڱرئي ۽ بخشڻ مهراڻوي جي والد بزرگوار ۽ الفقراءَ جي ايڊيٽر محمد رحيم مهر جي سربراهي ۾ ٽي سيڪٽر ڪمانڊر مقرر ڪيا، جن چولستان، ناردو،اڇڙو ٿر، ٿر پارڪر ۽ رڻ ڪڇ تائين هند سنڌ بارڊر تي انڊين فوج کي لوهه جا چڻا چٻڻ تي مجبور ڪيو. هن سيڪٽر تي برگيڊئير ڪي ايم اظهر پاڪستاني سينا کي سربراهي فراهم ڪري رهيو هو، جيڪو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل بڻيو. سرحد صوبي جي گورنري ۽ ريٽائرمنٽ کان پوءِ مولانا نوراني مرحوم جي جمعيت علماءِ پاڪستان جو مرڪزي ناظم اعليٰ رهيو. اڀرندي پاسي  هندي فوج سنڌ جا ٽي چار تپا قبضي هيٺ آندا ته اولهندي پاسي حرن ۽ مقامي سنڌين جي سهڪار سان پاڪ فوج موڻاٻهه اسٽيشن کان ويندي عبدالواحد آريسر جي اباڻي ڳوٺ پيراهو وٽان سودري پٽواري سرڪل جا شهداد جو پار،پانچلو، روهيڙي ۽ ڍڳاري جهڙا هڪ سو کن ڳوٺ فتح ڪيا.

مٿي جيسلمير ۽ خيرپور ميرس گهوٽڪي، رحيم يار خان محاذ تي گهوٽاڙي ۽  قلعي ڪشن گڍکان ويندي ٻڌي پاوري تائين وارو علائقو قبضي هيٺ آندو. داڻي پاڻي جي ڇڪ ۽ قسمت جي لکئي ستيتاليهه واري ورهاڱي کان پوءِ هند-سنڌ سرحد تي لڏپلاڻ جو ٻيو وڏو مظاهروچشم ديد مشاهدي هيٺ آندو.  ڏيڏوهر، گماني جو تڙ، سيڙهوئو، سروپي جوتڙ،ڪونرو،وڄڙهار،کارڇي،متي جو تڙ، ڪيلڻهور، پرهاڙيو ۽ سڄڻ پار سميت ٻاهڙمير ۽ جيسلمير ضلعن مان هزارين مسلمان هند ڇڏي سنڌ ۾ اچي پکڙا اڏي ويٺا. سنڌ مان قديم سنڌي هندن جا الاهي سارا ڪڙم  قبيلا وڃي هند ۾ اجها اڏي رهڻ لڳا. اوڻيهه سو پنجهٺ واري جنگ ۾ ٻنهي ملڪن جون فوجون قبضي هيٺ علائقن ۾ ڇهه مهينا کن مس قابض رهيون.

سوويت يونين جي ٽياڪڙي ۾ تاشقند معاهدو ٿيو. جنهن جو مسودو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پرڏيهي وزير طورمرتب ڪيو. ڀٽي صاحب جي ٻولي ڪنهن حد تائين سفارتي لينگويج جا دائرا پار ڪري رهي هئي. صدر ايوب خان آغاشاهي ۽ آخوند صاحب جي هٿان املاءَ  جون سختيون نرمي ۾ بدلايون ته ڀٽي صاحب کي ڪاوڙ لڳي. هوڏانهن لال بهادر شاستري انڊين وزيراعظم فرادخدلي جو مظاهرو ڪندي ڪارگل واري علائقي جا ٻه متنازعه جابلو اڌڪڙ ۽ پاساڙا پاڪستان حوالي ڪيا، جنهن سان دهلي دکي باهه ٿي ويئي. مشهور صحافي ڪلديپ نائر سيالڪوٽي هو. تاشقند ۾ شاستري صاحب جو پريس سيڪريٽري هو. لکي ٿو ته عمر رسيدهه وزيراعظم کي هندستاني رد عمل رنج رسايو جنهن سان سندس بلڊ پريشر هاءِ ٿيو ۽ موصوف تاشقند ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. پنجهٺ واري جنگ ۾ ميجر عزيز ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ٽئنڪن کي تباهه ڪرڻ وارو شاندار مظاهرو به هندستان لاءِ حيران ڪندڙ هو.

تاشقند معاهدي کان پوءِ ايوب خان ۽ ڀٽو هڪ پيج تي رهي ڪونه سگهيا، نيٺ سر شاهنواز جي لخت جگر تاشقند پيڪٽ جا ڪمزور پهلو پريس ذريعي اظهارڻ شروع ڪيا، آخر ڪار کيس وزارت کي ڇڏي پ پ اڏي سرگرم سياست ۾ داخل ٿيڻو پيو. ايئن انهي جنگ جا سنڌ جي تناظر ۾ ٻه هيرا تاريخ جي صفحن تي سونهري حرفن سان پنهنجو نالو رقم ڪرائي ويا، هڪڙو هو پير سائين پاڳارو ۽ ٻيو هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو. ٻُور جي خوشبوءَ اسان گابارن، اوٺارن، ٻڪراڙن ۽ ريڍارن کي ايئن ٻکين پئي جيئن وڻ ويڙهي وڻن سان ٻکوٻک ٿيندي آهي. زيرزمين سرنگون فوج پئي هٽايون، هيلٿ ڊپارٽمينٽ کوهن ۽ ويرين ۾ زهر مارڦوهارا پئي ڪرايا. حڪومت جا ٽريلر امداي سامان کڻي گواڙي واري کيجڙ جي ڀرسان بيٺا هئا. گهرن ۾ نڪو ڪو گهڙو باقي رهيو هو نڪا ڪا گهرٽي، چئونرا ۽ ڪڙهون به ڪڙ ۽ گاسڻ کجڻ سان ڪنوارا پئي لڳا.