تلهار جي يوسي 17 جي 3اميدوارن جا فارم رد، چيئرمين شپ لاءِ ڪو اميدوار نه بچيو

0
273
تلهار جي يوسي 17 جي 3اميدوارن

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد تلهار جي يوسي 17 جي  3اميدوارن جا فارم رد ڪري ڇڏيا آهن

عدالت يوسي 17 سعيدپور تي  چيئرمين لاءِ فارم ڀرائيندڙ ٽن اميدوارن جا فارم رد ڪيا آهن، جنهن جو فيصلو به جاري ڪيو ويو آهي

فارم رد ٿيلن ۾ سليمان ٿيٻو،  عبدالسلام ٿيٻو ۽ فرمان چانڊيو شامل آهن، اميدوارن جا بجلي جون رهتون ادا نه ڪرڻ ۽ تائيد ڪندڙ ٻي يوسي  جا هجڻ تي فارم رد ڪيا ويا

فارم رد ٿيڻ بعد يوسي تي  چيئرمين جو ڪو به اميدوار نه رهيو