تحفظ جو طلبگار تِمر

0
179
تحفظ جو طلبگار تِمر

ذھن ۾ جڙندڙ تصور معلومات جا محتاج ھوندا آھن. معلومات جو مقدار ۽ دائرو اگر وسيع ھوندو ته تصور حقيقت جي ويجھو جُڙي سگھندو آھي ٻي صورت ۾ تصور گمراھيءَ جي اوندھه ۾ چڪر کائي سگھي ٿو. روزاني بنياد تي ملندڙ معلومات ۾ ماحوليات بابت خبرن جو تعداد بنھه ٿورو ھوندو آھي جنھن ڪري اسان جو تصور اھو آھي ته ماحوليات جو موضوع غير اھم آھي.حقيقت ۾ مگر، ماحوليات سان جڙيل معاملا ايترا سادا نه آھن. ڪوئنز ميري يونيورسٽي لنڊن مان ڊگري وٺي اچڻ بعد ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندڙ زبير ابڙو جي پيشيوراڻي سڃاڻپ جو اھم رخ ھي به آھي ته ھو انھن چند وڪيلن مان ھڪ آھي جيڪي ماحوليات سان جڙيل معاملن جي ڪيسن جي پيروي ڪندا رھن ٿا. “ماحوليات جا لڳ ڀڳ سمورا ڪيس حساس آھن، ڇوته طاقتور ادارا يا بااثر ماڻھو ملزم ھجن ٿا، جنھن ڪري سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ملنديون آھن” زبير ابڙو اھا ڳالھه پنھنجا تجربا بيان ڪندي چئي. اسانجو عام تصور اھو آھيته وڪيلن کي ڌمڪيون محض سياسي اھميت يا قتل جي ڪيسن ۾ ملنديون ھونديون پر ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ وڏا رھائشي علائقا آباد ڪندڙ، ڳري سرمائيڪاريءَ سان فيڪٽريون قائم ڪندڙ يا وڏا روڊ ٺھرائيندڙ ادارا جيئن ته ماحولياتي قانونن جي جڪڙ ۾ اچن ٿا ان ڪري اھڙن ادارن سان واسطو رکندڙ ماڻھو پنھنجا منصوبا مڪمل ڪرائڻ خاطر ڪيسن جي پوئواريءَ خاطر پيسن لٽائڻ کان علاوہ وڪيلن کي به ڌمڪائيندا رھن ٿا.

تِمر جا ٻيلا قيمتي قدرتي اثاثو آھن پر انھن جي تحفظ جو قانوني بندوبست ڪمزورين جو شڪار آھي. جنھن ڪري وڻن جي واڍي جاري آھي، تِمر جي وڻن جي واڍي جاري رھڻ ڪري ماحوليات جي ماھرن آبي جيوت ۽ ماحوليات تي منفي اثر وڌي وڃڻ واري ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو آھي. “انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر- IUCN” لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر بابر حسين جو چوڻ آھي ته “تِمر جا 90 سيڪڙو ٻيلا سنڌ ۾ باقي صرف 10 سيڪڙو بلوچستان ۾ آھن ڇو ته درياءِ سنڌ ڪراچيءَ وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. تِمر جي ٻيلن کي مقامي ماڻھن ۽ ڪجھه منظم گروھن پاران نقصان پھچي رھيو آھي. ٻيلي کاتي سنڌ جو عملو وڻن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي پر اھي ڪوششون مڪمل طور فائديمند نه آھن”

تِمر جا ٻيلا ھزارين سالن جي عرصي ۾ درياءَ جي مِٺي پاڻيءَ سان وَھي ايندڙ ڪروڙين ٽَن مٽيءَ مان ٺھندڙ ٻيٽن تي ڦٽن ٿا. تِمر جي ھڪ وڻ کي جوان ٿيڻ ۾ 15 کان 20 سالن جو وقت لڳي ٿو ۽ انھيءَ وڻ جي حياتيءَ جو دارومدار صرف سمنڊ جي کاري پاڻيءَ تي ناھي ھوندو پر ان جي حياتي بچائڻ لاءِ درياءَ جو مِٺو پاڻي به گھربل ھوندو آھي. ھي دنيا جو اھو منفرد وڻ آھي جيڪو کاري ۽ مٺي پاڻيءَ جي ميلاپ تي پلجي ٿو. ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ پورٽ قاسم، ابراھيم حيدريءَ ۽ ان کان اڳتي موجود 17 ٻيٽن تي تِمر جا ٻيلا اڃان به آھن. ملڪ اندر تِمر جي ٻيلن جي ويڪر 1050 ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي. پر انھن ٻيلن کي ڪيترن ئي قوتن کان خطرو پيدا ٿيل آھي. ڪجھه “قوتون” ڏِنگي، ڀنڊاڙ ۽ ٻُنڌل ٻيٽن تان ٻيلا ڪَٽي اتي شھر اڏڻ چاھن ٿيون، ڪجھه قوتون درياءِ سنڌ تي ڊيم اڏڻ جي نيت رکي ڪوٽڙيءَ کان ھيٺ سمنڊ ۾ درياءَ جو مِٺو پاڻي ڇڏڻ جون مخالفت ڪري رھيون آھن ۽ اھو پاڻي گھڻي ڀاڱي روڪرائڻ ۾ ڪامياب به ٿي رھيون آھن. جيتوڻيڪ صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ واري 91 جي ٺاھه مطابق سمنڊ ۾ ڇوڙ واري پاڻيءَ جو مقدار به طئي ٿيل آھي. ان کان علاوہ ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري تي موجود ڪجھه قوتون شھر کي لڳندڙ علائقن وٽان سمنڊ ۾ مٽي ۽ بجري ڀري مصنوعي زمين پيدا ڪرڻ جا اراد رکن ٿيون سمنڊ ۾ زمين ھموار ڪرڻ جي نيت ھيٺ اھي قوتون تِمر جا وڻ وڍڻ لاءِ به تيار آھن. جڏھن ته چوٿين قوت انھن مقامي ماڻھن جي به آھي جيڪي سامونڊي پٽيءَ ۾ آباد آھن ۽ تِمر جي وڻن کي گھرن جا چُلھا ٻارڻ ۽ وڻ وڪڻي پيسا ڪمائڻ واري ڪِرت سان جڙيل آھن.

تِمر جي تحفظ لاءِ موجود قانون ھڪ طرف ته ڪمزور آھن ٻئي طرف مقامي ماڻھن کي اھو حق ڏين ٿا ته اھي گيس جي اڻھوند ۾ گھريلو استعمال خاطر سُڪي ويندڙ وڻ ٻارڻ طور استعمال ڪري سگھن ٿا. فشر فوڪ فورم ڪراچيءَ جي اڳواڻ ڪمال شاھه جو چوڻ آھي ته “ان پھلوءَ جي آڙ وٺي مقامي ماڻھو ساوا وڻ وڍڻ واري مافيا جا ڇاڙتا بڻيل آھن ۽ سامونڊي پٽيءَ جي ويجھو وارن ٻيلن مان مسلسل وڻ وڍي رھيا آھن. حڪومت ۽ ان جا ادارا ان عمل کي روڪڻ لاءِ ڏيکاءُ وارا قدم کڻي رھيا آھن. جنھن ڪري تِمر جي ٻيلن جي تباھي ٿي رھي آھي”. ڪمال شاھه جو چوڻ آھي ته “ماحوليات جي تحفظ وارن قانونن ۾ تبديلي آڻڻ وقت جي ضرورت آھي، ڇو ته موجودہ قانون ۾ سزا نه ھجڻ برابر آھي. تِمر جو وڻ وڍيندڙ کي گھٽ ۾ گھٽ پنج سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملڻ گھرجي ۽ اھا سزا سرڪاري ادارن جي ماڻھن تي به لاڳو ٿئي ڇو ته سرڪاري ادارا به تِمر جا وڻ وڍڻ ۾ ملوث آھن. موجودہ قانون تحت ڪمزور ڪيس ٺھي ٿو ۽ ملزم ستت ئي ضمانتون وٺي آزاد ٿي وڃن ٿا”.

وڻن جي تحفظ لاءِ موجود قانونن ۾ بھتري آڻڻ جي حمايت سنڌ ٻيلي کاتي جو عملدار محمد خان جمالي به ڪري ٿو. محمد خان جمالي ڪراچيءَ جي چشمه ڳوٺ کان لَٽ بستيءَ تائين تِمر جي ٻيلن جي تحفظ لاءِ مقرر آھي. صحافين کي بريفنگ ڏيندي ھُن ٻڌايو ته “خيبرپختونخوا ۾ ٻيلي کاتي کي فورس بڻايو ويو آھي پر سنڌ ۾ اسان جي حيثيت فورس واري نه آھي ان باوجود اسان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ٻين ادارن سان گڏجي تِمر جي واڍي روڪڻ وارا قدم کڻي رھيا آھيون. انھن ڪوششن دوران اسان تي حملا به ٿين ٿا، اسان جا فاريسٽ گارڊ زخمي ڪيا ويندا آھن پوءِ به اسان ٽمبر مافيا سان مھاڏو اٽڪائي مٿن ايف آءِ آرز داخل ڪرائيندا آھيون يا مٿن لکين روپين جا ڏنڊ وجھون ٿا پر قانون کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي”

تِمر جي وڻ مان مھانگو فرنيچر ته تيار نه ٿو ٿئي پر ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ تِمر جي ڪاٺيءَ مان شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. تِمر جي تحفظ لاءِ قانون کي بھتر بنائڻ واري مطالبي جي حمايت ماحولياتي جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي توڙي ملڪي ادارا ۽ سول سوسائٽي پڻ ڪرڻ لڳي آھي. اھڙو ئي موقف ايڊووڪيٽ زبير ابڙو جو به آھي جنھن ٻڌايو ته “قانون ۾ بھتري اچڻ گھرجي ۽ منھنجي علم ۾ آيو آھي ته سنڌ حڪومت ترميمي بل تيار ڪري اسيمبليءَ ۾به پيش ڪيو آھي جيڪو منظوريءَ جو منتظر آھي. حڪومت سٺو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي اھو قانون اگر منظور ٿيوته تِمر جي غيرقانوني واڍي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي”. تِمر جا ٻيلا آبي جيوت جي بقا ۽ ماحول کي فطري انداز ۾ برقرار رکڻ جو وڏو ذريعو آھن ۽ انھن ٻيلن جي ڪَٽائي جاري رھي ته ڪراچيءَ سميت سامونڊي علائقا آفتن جي وَرِ چڙھي ويندا.