اقتداري ميوزيڪل چيئر جي راند ۾ پريشان عوام

0
697
اقتداري ميوزيڪل چيئر جي راند ۾ پريشان عوام

 هن ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آھي سو هڪ تاريخ جي صورت ۾ موجود آھي ۽ پاڪستان جي تاريخ ڪا ايتري پراڻي نه آھي. ملڪ جي مختصر تاريخ تي نظر وجهبي ته خبر پوندي ته هينئر تائين اقتداري ايوانن ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو  ان ۾ ملڪ جي عام خلق جي تقدير مٽائڻ جو نعرو ته هنيو ويو پر اڪثر ڪري اقتدار ملڻ کانپوءِ ڪهڙي عوام،ڇا جي جمهوريت!؟  عام شھري جي حيثيت ۾ ۽ پنهجي چوڌاري موجود ماڻھن جي زندگي تي نظر وجهبي ته  موجوده حالتن سبب عام ماڻھن سان گڏ اسين خود به بي يقيني واري صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آھيون.  جڏهن اقتداري ڌريون پنهنجي اکين تي من پسند عينڪون چاڙھي پنهنجي مرضي جا فيصلا ماڻھن تي مڙھي وري پوري اعتماد سان يقين ڏيارين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آھي  ۽ هر پاسي کير جون نديو پيون وهن ۽ وري هر ٽن سالن کان پوءِ اهو جواز ڄاڻائي اپوزيشن ميدان تي اچي ته اقتداري جماعت کان ڪم زورآھي ۽ اسان بهترين آپشن آھيون ته اها سياسي پارٽين جي ميوزيڪل چيئر واري راند نظر اچي ٿي. جنهن جو نتيجو اهو آھي جو اخبارون خودڪشي جي خبرن سان ڀريل آھن ته ڪٿي وري مفلسي کان پريشان والدين پنهنجي ٻچن کي وڪڻڻ لاءِ هوڪا پيا ٿا ڏين. يقينن اهو سڀ ڪجهه هڪ ڏينهن ۾ ته نه ٿيو هوندو. حڪمراني جي ڊوڙ پويان هاڻوڪا يا اڳوڻا حڪمران اهو وساري ويهن ٿا ته اهڙي رساڪشي سبب عام ماڻھو کي ڪهڙو رليف ملندو؟

عوام بس تماشائي جي صورت ۾ ڪڏهن هڪڙن ڏانهن ته ڪڏهن ٻين ڏانهن ان اميد سان ڏسي رهي آھي ته من ڪٿان ڪو ڀلو ٿي پوي،اسان جي حڪمران جماعتن جي حالت اها آھي ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اقتدار حاصل ڪرڻو آھي  اها جوڙ توڙ ملڪ ٺهڻ کان وٺي هلندي پئي اچي.

ڪنهن جاءِ تي مون حضرت علي جو قول پڙھيو هو ته مومن ڪڏهن به هڪ ئي ٻر مان ٻه ڀيرا نه ڏنگبو آهي. هاڻي ساڳيا پراڻا کلاڙي ميدان تي لٿل آھن، جن جو خيال آھي ته اقتدار سندن گهر جي باندي آھي. جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ ڪي قدر آسان آھي پر جمهوري رويا اختيار ڪرڻ گهڻو  مشڪل آھي. اقتداري راند کان هٽي ڪري ڪنهن ڪڏهن سوچيوته عوام ڇا ٿو چاهي؟ ڇا ڪڏهن سنجيدگي سان سوچيو ويو آهي ته عام ماڻھو ڇا ٿو چاهي، ان جا مسئلا ڪيئن حل ڪجن؟اقتدار لاءِ ڪٿي مذھب جو سهارو وٺي طاقتور  ٿيڻ چاهين ٿا، ڪٿي نسلي فساد ڪرائي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوسش ڪن ٿا ته ڪي وري وڏي سرڪار جي آشيرواد جا اشارا ڏين ٿا. ان اقتدار جي سڄي ميوزيڪل چيئر واري گيم کي ڏسي عوام ڏاڍو پريشان آھي ته آخر ڪنهن تي اعتبار ڪجي؟ ڇاڪاڻ جو 73 سالن کان وٺي ساڳيا ذاتي مفاد پرستي وارا ڪم ورجايا پيا وڃن جن جو عام عوام سان نه تعلق آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو فائدو  آهي.

هاڻي وقت اچي ويو آھي ته  اقتدار جا خواهشمند پنهنجيون پنهنجيون پاليسيون واضح ڪن ته اهي آخر اهڙو ڇا ڪندا جو ملڪ ۾ موجود مسئلن جا انبار ختم ٿي وڃن يا گهٽ ٿين.حڪمران ڌر ۽ اپوزيشن جماعتون صرف هڪ ڀيرو عوامي عدالت ۾ پيش ٿي ماڻھن کي ٻڌائين ۽ سمجهائن ته اهي اقتدار ۾ رهي عوامي مفادن ۾ اهڙو ڇا ڪندا جو هيٺين سطح تائين ماڻھو لاڀائتا ٿين، ۽ اهو ڪهڙو ڪارنامو آهي جيڪو پنهنجي حڪمراني دوران نه ڪري سگهيا ۽ هاڻي مڪمل ڪرڻ جا خواهشمند آھن. انهن ماڻھن کي ڇا ڊليور ڪيو ۽ باقي ڇا رهيل آھي،  جنهن جي ڪري هو وري  حڪمراني جي قابل آھن؟ ڇا ڪاڻجو اسان کي خبر آھي ته موجوده حڪومت تي به اهو ئي الزام آھي جيڪو سچ پڻ آھي ته انهن پنهنجا واعدا وفا نه ڪيا ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ، ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ پنجاهه لک گهر ڏيڻ توڙي سهانگائي ڪرڻ ۾ نه رڳو ناڪام ٿيا پر رهندو شين جي کوٽ ٿيڻ شروع ٿي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ ڪري هر شيءَ تمام گهڻي مھانگي ٿي ويئي جنهن ڪري مخالف ڌر وارا اهو جواز پيا ڏين ته اهي حڪمراني جي قابل نه رهيا آھن ان لاءِ  اقتدار ۾ نه رهندا.

  عمران خان ۾ به ڪا اميد نه آھي پر ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه واري ڳالهه وڃي بيهندي. سوچڻ جي ڳالھه اها آھي ته عوام کي ڇا ملندو؟ اڃا تائين پاڻ افغانستان جي برابر بيٺا آهيون  دنيا سان ڪڏهن   ڪلهو ملائڻ جي لائق ٿينداسين. ڪڏهن پنهنجي جان مهانگائي،بي روزگاري، ڪرپشن طبقاتي متڀيد۽ بد امني جھڙن مسئلن مان ڇٽندي۽ انفرااسٽرڪچر بهتر ٿيندو. پراڻا کلاڙي به عوام کي ڪو آسرو ته ڏين ته اهي عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪندا،هن وقت جيڪا به اٿل پٿل  آھي سا رڳو اقتداري ايوانن ۾ آھي عام ماڻهو تي ڄڻ ڪو به اثر نٿو پوي.  اليڪشن ۾ باقي وڃي هڪ سال بچيو آھي، اهڙي طرح عوام کي به خبر پوندي ته ڪهڙا حڪمران ملڪ ۽ عوام لاءِ بهتر آھن ايئن ته انهن جي موجوده ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آھي پر وري به هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻھن کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن جون عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ  ڪهڙيون پاليسيون آھن ۽ اهي پنهنجي انهن رٿائن تي ڪهڙي ريت عمل  ڪرائيندا؟