تازين بارشن ڪاڇي کي ٻوڙي ڇڏيو

0
108
ڪاڇي ۾ گيسٽرو ۽ انتظامي لاپرواهي

 تازين شديد طوفاني بارشن جتي پوري ڪاڇي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي اتي هن وقت سڀ کان جيڪو گهڻو شهر متاثر ٿيو آهي اهو  ڊگهه بالا  آهي جتي هن مهل اتان جا رهواسي سخت پريشان آهن جنهن جو اهم ڪارڻ  رستو آهي جيڪو روڊ 2020ع کان ٽٽل آهي ۽ جيڪي وڏا گهارا پيل هئا سي انهي حالت آهن سرڪار ٺپ ڌيان نه ڏنو آهي ۽ نه وري ڪا اهڙي چرپر نظر آئي آهي. ماڻهو ويچارا هر فورم تي وڏي واڪي دانهون ڪندا رهيا پر هي علائقو شايد انڌن ٻوڙن ۽ گونگن جي حوالي  ٿيل آهي جتي هر آواز کي دٻايو ٿو وڃي. جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو ٿوري يا گهڻي بارش پوي ٿي ماڻهن جي اچ وڃ ڏاڍي ڏکي ٿي ٿئي. ڪالهه  نئين گاج وري 24 فٽ وهي آئي آهي ۽ ڊگهه بالا جو روڊ مڪمل پاڻي جي وهڪرن جي گهيري ۾ اچي ويو آهي جتان پاڻي کان ٽپڻ بلڪل ناممڪن ٿي پيو آهي. جنهن جو مکيه سبب سرڪار  طرفان نئين گاج جي ٽٽل بند جي مرمت ۾ نه ڪرڻ آهي. گذريل ٽن سالن کان بند جي اهڙي ڳنڀير صورتحال هئي جنهن جي مٿان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرائي ڪاڇي جي عوام جي ملم پٽي ڪجي ها، ليڪن  هتي زخمن جي مٿان ملم پٽي ڪرڻ  جي بجاءِ ويتر  لوڻ ۽ مرچ ملائي وقفي وقفي سان پئي ٻرڪيا آهن، جيئن عوام کي خبر پوي ته تڪليف ڇا ٿيندي آهي. هن مهل جوهي تعلقعي جي 8 يونين ڪائونسلن ۾ برسات وڏي تباهي آندي آهي ۽ نئين گاج به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.

خاص ڪري  ڊگهه بالا، واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان، ساوڙو، ڇني، شاھه حسڻ مڪمل طور پاڻي جي وڏي گهيري ۾ آيل آهن جتي سوين غريب مسڪين ماڻهن جا گهر مٽي جا ڍير بڻجي ويا آهن   ان داڻو ڪڻو لڙهي ويو آهي ، مال متاع چارو نه هئڻ ڪري بکن ۾ پاهه ٿي ويو، مٿان وري بارش جي ڪري ڪن ڪن علائقن ۾ گيسٽرو ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي جنهن جو چٽو مثال ڊگهه بالا لڳ ڳوٺ گزياڻي لنڊ جي معصوم نياڻي جنهن کي مائٽ تيز بخار سبب جوهي پيادل کڻي ويا هئا سا به  معصوم جوهي ۾ فوت ٿي وئي ۽ انجو مڙهه پنهنجي اباڻي ڳوُٺ پهچي نه سگهيو. صرف اڌ فرلانگ جي مفاصلي جيترو پنڌ هو مگر نئين گاج جي طوفاني وهڪري ٽپڻ نه ڇڏيو، جيجل امڙ پنهنجي ٻچڙي جو آخري ديدار به نه ڪري سگهي انهي کي راوت فقير جي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. بظاهر هي لفظ لکڻ ۾ سولا۽ آسان آهن مگر انهن جو پس منظر تمام وڏو آهي اکين مان نير نه پر رت جا ڳوڙها ٿا وهن ته اسين آخر ڪاڇي واسين جو ڏوھه يا جرم ڪهڙو آهي جتي اٽي ۾ لوڻ برابر به سهولت ميسر نه آهي. هن مهل اسپتالون ويران جتي ڪو به پروفيشنل ڊاڪٽر نه آهي، الائي ڪيترا ڏينهن اها صورتحال جاري رهندي،  تيستائين خلق خدا جو ڇا ٿيندو، ڪير انهن جي دردن ۽ تڪليفن جي دوا ڪندو؟  هن مهل بارشن ۽ نين جي اچڻ ڪري وڏي مشڪلات ٿي وئي آهي جو ماڻهو ڪنهن بيمار کي پيادل به نه ٿو وٺي وڃي سگهي ڇو ته چئن پاسن کان پاڻي ڦري ويو آهي جنهن جي ڪري اتان هلڻ ناممڪن ٿي پيو آهي .

گذريل چئن ڏينهن کان مسلسل تيز برسات جاري آهي ۽ نه بجلي  آهي نه رستو آهي سواري بند هئڻ جي ڪري کاڌ خوارڪ جي شين جي کوٽ ته ڇا پر اڻلڀ ٿي وئي آهي ۽ وري جيڪا ملي ٿي  ته اها به انساني صحت جي لاءِ شديد نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي  ڇو ته اها خوارڪ پنهنجي افاديت ۽ تازگي ختم ڪري چڪي آهي ۽ اها به وري وڏي مهانگي ملھه ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. ڇو ته جتي ٻيو ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ نه ملي  سگهندو اتي ماڻهو بکئي پيٽ کي ڀرڻ ۽ پنهنجن پيارن جي بک کي ڪيئن برداشت ڪري سگهندا؟ ماڻهو رکو سکو ٽڪر کائي پنهنجو وقت پاس ڪري ويندا جيڪڏهن خدا نه ڪري ڪنهن جي مٿان ڪا ايمرجنسي ٿئي ٿي ته اهو مريض ڪنهن اسپتال يا ڊاڪٽر تائين ڪيئن پهچي؟ هر سال جيان هتان جا ماڻهو لوڙين ٿا پوءِ به سرڪار ۽ هتان جا عوامي نمائندا قانون ساز اسيمبلي ۾ پنهنجا چپ چورڻ جي لاءِ تيار نه آهن. مون کي ياد نه آهي ته ڪو هن تڪ جي ايم پي اي اسيمبلي ۾ ڳالهايو هجي ته منهنجي تڪ ۾ مسئلن جا انبار آهن سو به ڪاڇي جهڙي پسمانده علائقي ۾، آخر اهي ڪير حل ڪندو ۽ ڪڏهن حل ٿيندا. اهڙي اخلاقي جرئت مون کي ته ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي پوءِ توهان آخر ڪار عوام جي لاءِ ڪڏهن ڪم ايندا؟