ڪراچي جو مسمار ٿيندڙ غازي ڳوٺ ۽ حڪومت جي خاموشي!! 

0
238
سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري، شهيد اسحاق ۽ ايمن سعيد جو خون

سنڌ دنيا جو اھو خوشحال خطو آھي جنهن تي ھر دشمن جي نظر آھي ۽ ھر ھڪ اھو سوچي رھيو آھي ته انهيءَ کي مال غنيمت جي مال جيان فتح ڪري عيش عشرت واري زندگي گذارجي ۽ اِھا سازش گذريل 76 سالن کان ٿي رھي آھي ۽ جيڪا ھلندڙ آھي. سنڌ جي وسيلن تيل، گئس، ڪوئلو، گرينائيٽ پٿر کان ويندي سنڌو درياءَ ۽ ڌرتيءَ تي وڏي تيزيءَ سان قبضو ٿي رھيو آھي ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن سان ٻي اکيائي وارو رويو رکي ڌارين ماڻهن جو ڀرجهلو ٿي بيٺي آھي. پيپلزپارٽي جنهن جو اھو نعرو ھو ته روٽي ڪپڙا ۽ مڪان انهيءَ نعري جي بلڪل ابتڙ  ڌرتيءَ جي وارثن لاءِ ڏينهون ڏينهن ڌرتيءَ تنگ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون وڏي تيزيءَ سان ٿي رھيون آھن. جنهن جو تازو مثال حيدرآباد ۾ ڌرتيءَ ڌڻيءَ بلال ڪاڪا کي افغاني پٺاڻن تشدد ڪري شهيد ڪرڻ  ھو جنهن تي سنڌ جي ماڻهن پرامن احتجاج ڪيا ته  پرامن سنڌ جي پرامن ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي. قتل به سنڌ جو ٿيو ۽ گرفتاريون به سنڌ جي ماڻهن جون، جڏھن ته ڌاريي دھشتگرد افغاني پٺاڻن ڪراچي جي علائقي آل آصف ۽ جمالي پل ڀرسان وڏي افراتفري ڪري سڌي فارئرنگ ڪري لٽ مار ڪئي پر انهن خلاف نه قانون حرڪت ۾ آيو ۽ نه ئي پيپلزپارٽي جي حڪومت. ڌاريا ماڻهو پرامن سنڌ جي ڌرتيءَ تي رتو ڇاڻ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رھيا پر ڪير به انهن کي بروقت پڪڙڻ لاءِ تيار نه ھو ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي ڏيھه موڪلڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويا آھن.

پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت گذريل 15 سالن کان سنڌ ۽ ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آھي سنڌ جا شهر کنڊر بڻجي ويا آھن ڪنهن به قسم جي صفائي سٿرائي ناهي، ڳوٺن ۽ شهرن جي چوڌاري روڊن جي اھڙي حالت بڻجي وئي آھي جو روڊن کي کڏا پئجي ويا آھن، سنڌ جون اسپتالون ڪوس گهر بڻجي چڪيون آھن اسپتالن اندر دوائن جي انتهائي شديد کوٽ ھئڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن جا عملا پورا ناھن سنڌ جا ماڻهو بنا دوائن جي تڙپي تڙپي مري رھيا آھن پر ھنن حڪمرانن جي مٿي تي جونءَ ئي نه ٿي چري.

سنڌ اندر ڌارين ماڻهن کي ڪئمپون قائم ڪري ڏنيون وڃن ٿيون ۽ انهن ڪئمپن اندر جديد سهولتون ميسر ڪري انهن کي ريگيولر ڪرڻ جا بل منظور ڪيا ٿا وڃن ته جيئن انهن کي ڪا تڪليف نه اچي سگهي ۽ ٻئي طرف سنڌي ماڻهن جي وسندين کي بلڊر مافيا پوليس جي زور تي مسمار ڪري ڌرتيءَ جي وارثن جا پڪا اجها ڊاھي پٽ  ڪري رهي آهي.

تازو سموري سنڌ اندر برسات وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي ۽ ھر طرف برسات جو پاڻي ٻوڏ جو ڏيک ڏئي رھيو آھي پيپلزپارٽيءَ جيڪا ھميشه کوکلون دعوائون ڪندي آھي ته اسان رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن انهيءَ  حڪومت جي پت برسات وائکي ڪري ڇڏي آھي ته ھنن سنڌ کي ڪيئن ٻنهي ھٿن سان لٽيو ۽ ڦريو آھي.

گذريل ڪجھه ڏينهن کان ڪراچي ۾ موجود سنڌي وسنديءَ غازي ڳوٺ تي بلڊر مافيا ۽ پوليس اٽالن چڙھائي ڪري ڌرتيءَ ڌڻين جي اجهن کي ڊاھڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي، انهيءَ سموري عمل جي پٺيان پيپلزپارٽيءَ جو ھٿ آھي ھڪ طرف ڌارين ماڻهن کي سهولتون ڏئي رھي آھي ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ماڻهن جا ٺهيل اجها ڊاھي پٽ ڪري انهن کي بي گهر ڪيو وڃي ٿو، ايئن دشمن به ناھي ڪندو جيئن پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن سان دشمنيءَ تي لهي آئي آھي. ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل بارش وسي رھي آھي ۽ ھر طرف پاڻيءَ جا تلاءَ نظر اچي رھيا آھن انهيءَ ھلندڙ بارش ۾ سنڌين کي بي گهر ڪيو وڃي ٿو. پوليس جي اھڙي عمل خلاف سنڌ جون نياڻيون وسندڙ بارش ۾ پاڪ ڪتاب کڻي سخت احتجاج ڪندي اھو پُڪاري رھيون آھن ته اسان جو ڏوھه ڪهڙو آھي اسان ته ھتي گذريل ڪيترن ئي سالن کان آباد آھيون پر پوليس ورديءَ جي زور تي انهن جي گهرن جون ديوارون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون آھن.ڪراچي ۾ برساتي موسم ھجڻ ڪري ڌاريو ماڻهو سمنڊ ڪناري ۽ ڪينجهر ڪناري ۽ ٻين تفريح ماڳن ڏانهن رُخ ڪري موسم جو مزو وٺندي سڪون واري حالت ۾ مزو ماڻي رھيو آھي ۽ اھا انهن کي پڪ آھي ته نه ته انهن جي گهرن کي ڪجھه ٿيندو ۽ نه ئي انهن جي ٻارن ٻچن کي جڏھن ته ٻئي طرف ڌرتيءَ جي وارثن نياڻن امڙين ڀينرن ڌيئرن پٽن مٿان پوليس شيل وسائي گهرن مان برساتي موسم ۾ ٻاھر روڊن تي ڪڍي کليل آسمان ھيٺان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آھي پر ھنن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي.  بلاول ڀٽو زرداري جيڪو مريم نواز جي ڪمري تي ڇاپي تي جذباتي ٿي ويو هو پر  سنڌ جي نياڻين تي جذباتي نه ٿو ٿئي ته کين اھڙي موسم ۾ دربدر ڪيو ويو آھي ۽ انهن جي تذليل ڪئي وئي آھي. بلاول ڀٽي زرداري جي نظر ۾ صرف مريم نواز نياڻي ھئي پر سنڌ جون نياڻيون ناھن.

اي سنڌ جا وارثو گهري ننڊ کي ڇڏي ڪري پنهنجي ڌرتيءَ سميت ماروئڙن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي نه ته ٻي صورت ۾  ايئن ئي پوءِ پڙھيا ۽ لکيا وينداسين ته

“ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”

سنڌ جي ماڻهوءَ کي گهري نظر سان معاملن مسئلن کي سمجهڻو ۽ سوچڻو پوندو ڇو ته غازي ڳوٺ کي مسمار انهيءَ لاءِ ڪيو ٿو وڃي ته جيئن سنڌ اندر جيڪا ڌاري آبادڪاري خلاف منظم جدوجهد جو آغاز ٿي چڪو آھي انهيءَ کي ڌڪ ھڻڻ سميت انهيءَ جدوجهد جو رُخ موڙي غازي ڳوٺ طرف ڪيو وڃي ۽ ڌارين جي نيڪالي تان سنڌي ماڻهو ھٿ کڻي وڃن ۽ پيپلزپارٽي به اھو ئي چاھي ٿي ته ڌاريو ماڻهو ھتي آباد ھجي جيئن اسان کي ووٽ ملندو رھي ۽ اسان جو اقتدار ۽ ڪرسي کي ڪو لوڏو لهر نه اچي سگهي. سنڌ جي ماڻهن کي ڌاري آبادڪاري خلاف مڙي مٺ ٿي ڪري ھڪ طاقتور جدوجهد ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ تائين سڪون سان نه ويهڻ گهرجي ۽ ڪراچي ۾ موجود سنڌي وسندي غازي ڳوٺ جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ گهجي ته جيئن پنهنجي امڙين، ڀينرن، ڌيئرن ۽ پٽن جي مٿي تي ھٿ رکي انهن جي اجهن کي ڊاھڻ  ۽ بي گهر ٿيڻ کان بچائي سگهجي.