بوري والا (م ڊ)پنجاب جي شهر بوري والا ۾ وحشي جوابدار کير وٺڻ لاءِ واڙي تي ويل 10 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي بعد باٿروم ۾ بند ڪري ڇڏيو، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي. بوري والا جي مجاهد ڪولاني ۾ پورهيت جي 10 ورهين جي ڌيءَ گهڙي ۾ موجود واري سان کير وٺڻ وئي ته اتي موجود جوابدار کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ واش روم ۾ بند ڪري فرار ٿي ويو. ٻارڙي جي رڙين تي پاڙي وارا پهچي ويا ۽ انهن کيس اسپتال منتقل ڪيو، جتي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي ثابت ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي، جنهن کي جلد پڪڙيو ويندو.