ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان پابندي مڙهيل تنظيمن لاءِ چندو گڏ ڪندڙ 4 جوابدار سوگها، ان ڏس ۾ سي ٽي ڊي ترجمان  موجب ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن لاءِ چندو ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ جي اطلاع تي اسان ڇاپا هڻي 4 جوابدارن رحيم الحق ولد علي زر، غلام محمد خان ولد عبدالڪريم، عبدالله عرف فاروق ولد محمد اڪرم ۽ تنوير نديم عرف نويد کي گرفتار ڪري ورتو، پڇا ڳاڇا دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هنن مرڪزي عهديدارن جي چوڻ تي فنڊ گڏ ڪيا، جوابدارن وٽان چندي جي رسيد بڪ ۽ روڪ رقم هٿ آئي، مٿن ڪيس داخل ڪيو آهي