بوبي جو موت، سني اينيمل نه ڏسي سگهيو، سينيما مان اُٿي ويو

0
182
بوبي جو موت، سني اينيمل نه ڏسي سگهيو، سينيما مان اُٿي ويو
بوبي جو موت، سني اينيمل نه ڏسي سگهيو، سينيما مان اُٿي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سني ديول فلم “اينيمل” کي ڏسي نه سگهيو، اڌ فلم مان ئي سينيما مان ٻاهر نڪري ويو. سني هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته سپرهٽ فلم اينيمل پوري ڏسڻ بغير سينيما مان هليو ويو هيس

ڇاڪاڻ جو پنهنجي ڀاءَ بوبي ديول کي فلم ۾ مرندي ڏسي نه پيو سگهان اهو مون کان برداشت ئي نه پيو ٿئي، بوبي پنهنجو ڪردار شاندار نموني سان نڀايو ديول خاندان شارٽ ڪٽ جي بدران محنت تي يقين رکي ٿو

واضح رهي ته سني ديول جي فلم غدر ٽو به سال جي سپرهٽ فلم ثابت ٿي هئي، جڏهن ته رنبير ڪپور ۽ بوبي ديول جي فلم اينيمل به سال جي ڪامياب فلمن ۾ شامل ٿي وئي هئي