ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ جي نئين ڪاميڊي فلم “ڊنڪي” جي ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراڻي انڪشاف ڪيو آهي ته هن وڪي ڪوشل کي فلم ۾ کڻڻ نه پئي چاهيو، وڪي ڪوشل نئين فلم ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن کي فلم شوقينن ۽ تجزيي ڪندڙن طرفان بيحد پسند ڪيو پيو وڃي. تازي انٽرويو ۾ راج ڪمار هيراڻي ٻڌايو ته ڊنڪي جي ڪردار لاءِ وڪي ڪوشل جهڙو ئي ڇوڪرو کپندو هو،  پهرين مون چيو هو ته وڪي کي ڪردار نه ڏينداسين ڇو جو اهو هڪ ننڍو ڪردار هو ۽  وڪي ڪوشل اڄ ڪلهه مرڪزي ڪردار نڀائي رهيو آهي. راج ڪمار ٻڌايو ته رات جو مون کي وڪي جو فون آيو ۽ چيائين ته توهان اداڪار جي والد کي ڪيئن چئي سگهو ٿا ته ان ڪردار جي آڇ نه ڪندو پوءِ ٻئي ڏينهن وڪي ڪوشل منهنجي سيٽ تي اچي ويو ۽ فلم جو حصو بڻجي ويو.