نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) پي ايڇ ڊي سبزي واري جي نالي سان ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ ڀارتي شخص سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پي ايچ ڊي سبزي واري جي نالي سان انٽرنيٽ تي شهرت حاصل ڪندڙ شخص جو واسطو ڀارت جي صوبي پنجاب سان آهي. 39 سالن جي ڊاڪٽر سنديپ سنگهه 4 ماسٽرز ڊگيون به حاصل ڪيون آهن پر مناسب نوڪري نه هجڻ سبب روزانو گهر گهر وڃي ڀاڄيون وڪرو ڪندو آهي. رپورٽ موجب ڊاڪٽر سنديپ سنگهه ڀاڄيون وڪڻڻ کان اڳ 11 سالن تائين پٽيالا جي پنجابي يونيورسٽي ۾ ڪنٽريڪٽ تي پروفيسر رهيو، بدقسمتي سان حالتون کيس نوڪري ڇڏي ڀاڄيون وڪڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سنديپ سنگهه پنهنجي نوڪري بابت ٻڌائي ٿو ته مون کي نوڪري ڇڏڻي پئي ڇو ته منهنجي پگهار مان ڪٽوتي به ٿيندي هئي، منهنجي لاءِ هن نوڪري مان گذارو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو هو، ان لاءِ مان پنهنجي ۽ ڪٽنب جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڀاڄيون وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر سنديپ سنگهه پنهنجي ڀاڄين واري ٽوڪري تي هڪ بورڊ لڳايو آهي جنهن تي پي ايچ ڊي سبزي وارو لکيل آهي.