ڪوئيٽا (م ڊ) احتساب عدالت ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ بلوچستان جي اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڪوئيٽا جي احتساب عدالت بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي ناڻي واري صوبائي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جون سموريون ملڪيتون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي 10 سال قيد جي سزا ۽ اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار خالد لانگو کي 2 سال 2 مهينا قيد جي سزا جو حڪم ڏنو. عدالت اڳوڻي سيڪريٽري بلديات عبدالباسط ۽ سيڪريٽري لوڪل ڪائونسل فيصل جمال کي ساڳي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ 6 مئي 2016 تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان جي گهر مان 64 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي روڪ رقم ۽ زيور مليا هئا. ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار ٺيڪيدار سهيل مجيد ۽ ان جي ڀاءُ کي پلي بار گين کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو هو.