اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي پابندي مڙهڻ واري فيصلي تي نظرثاني واري درخواست تي نظرثاني ڪاميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سي پيڪ منصوبي سان لاڳاپيل چين جي شهرين کي 48 ڪلاڪن ۾ ٻن سالن جي ويزا جاري ڪرڻ جي منظوري سميت پاڪ افغان ٽرانزٽ معاهدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪالهه وفاقي ڪابينا جو پهريون پيپر ليس اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ بجيٽ متعلق معاشي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو ويو آهي، اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اجلاس ۾ ڪابينا کي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين سميت ڪشمير معاملي تي بريفنگ ڏني، فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ شروع ڪرڻ چاهي ٿي ان حوالي سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو به مظاهرو ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل غيرضروري پوسٽ تي وفاقي ڪابينا ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهو مطالبو ڪيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي ان مامري تي وضاحت ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ 8.5 ملين پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي، هن چيو ته وفاقي ڪابينا پاڪ افغان ٽرانزٽ معاهدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، وفاقي ڪابينا بوسينيا ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سامان موڪلڻ جي منظوري ڏني، هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي پابندي خلاف نظرثاني واري درخواست تي گهرو وزارت هيٺ نظرثاني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ان کان علاوه ڪابينا منظوري ڏني آهي ته سي پيڪ جي منصوبي سان لاڳاپيل چين جي شهرين کي اسپيشل ويزا ڏنو ويندو جيڪو 48 ڪلاڪن ۾ جاري ڪيو ويندو ۽ اهو ويزا ٻن سالن لاءِ هوندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري ٽي وي چينل جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري جي منظوري سميت ڪابينا جي ادارن بابت سڌارن واري ڪاميٽي جي 29 اپريل وارن فيصلن جي توثيق ڪئي وئي، اين ٽي ڊي سي جي وقتي ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي.