بشير ميمڻ جو پٽ بهزاد ميمڻ شهباز گل خلاف عدالت پهچي ويو

0
459

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ جو پٽ بهزاد ميمڻ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز خلاف عدالت پهچي ويو، بهزاد ميمڻ ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ هن موقف اختيارڪيو آهي ته شهباز گل ٽي وي شو ۾ مون تي ۽ منهنجي والد تي ڪوڙا الزام مڙهيا، هو ٽي وي ۾ ويهي منهنجي والد جي ڪردار ڪشي ڪئي، منهنجو والد پوليس ۾ هڪ سٺو آفيسر هو، شهباز گل جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هن جي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن، جوڊيشل مئجسٽريٽ درخواست سيشن عدالت موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.