جيڪي ذر وٺي ذھن وڪڻي ڇڏين ٿا!‎
3 مئي تي صحافين جي آزادي جو ڏينھن ھو، ڪجھ پروفيشنل صحافي جن کي قدرت پاران به نوازيو آھي پر ٽيان صحافي اھي آهن جيڪي صحافت جي نالي ذاتي مفادن خاطر يا نالو چمڪائڻ لاءِ وڏيرن اڳيان پنھنجي اھميت وڌائڻ  لاءِ دلالن جيان صحافت جھڙي مقدس پيشي کي لڄائين ٿا، ڪجھ صحافي جيڪي رئيسن جي ونگار وھڻ ڪري انھن کي پريس ڪلب ٺاھي ڏين ٿا اصل ۾ صحافت ھڪ اھڙي شيءِ آھي جو ڪنھن جي ونگار وھڻ يا ڪنھن سياسي سماجي ماڻھن جو ڌر بڻجي رپورٽ ھلائڻ جي ڪا گنجائش ناھي، پر بدقسمتي اھا آھي ته سنڌ ۾ وڌندڙ ونگاري صحافين جي ڪري پروفيشنل ۽ ايماندار صحافين سان انيڪ مسئلا پيش اچن ٿا، افسوس جي ڳالھ آھي جو سنڌ جا ڪجھ ادارا به سولائيءَ سان انھن جي بنا ڪارڪردگي جاچڻ جي کين صحافت وارو ڪارڊ ۽ اداري جو لوگو ڏئي ڇڏي ٿا، جيڪي عوامي ھائيڊ پارڪ کان پري رھڻ ڪري مظلومن جي دانھن ۽ سماج ۾ موجود سماجي براين کي اجاگر ڪرڻ کان قاصر آهن. ان ڪري سنڌ جي سمورن پرنٽ ادارن يا سنڌي چينلز جي مالڪن کي گھرجي ته جڏھن به ڪو به ماڻھو صحافت جي دنيا ۾ اچي ٿو ته ان کي ايترو جلد ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ يا اداري جو لوگو ڏيڻ کان اڳ ڏسجي ته انھن جي اصلي ڪارڪردگي ڪھڙي آھي، ڇا حق سچ جي واٽ تي ھلندي ھي انھن خلاف به رپورٽ ھلائي ٿو سگھي جن سان ھن جي ياري آھي، چون ٿا ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جو باني پيرن پنڌ ماڻھن جي مسئلن کي اجاگر ڪندو ھو، سچ پڇو ته، سنڌ کي اھڙن ايماندار صحافين جي سخت ضرورت آھي.
رياض امر ٻجورو/سجاول
صحافت جو عالمي ڏينهن ۽ اڄ جي صحافيءَ جا اهنج!
سموري دنيا ۾ 3 مئي آزادي صحافت جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو، حق، سچ جي راھ تي شھيد ٿيندڙ صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سيمينار ته ڪٿي تقريبون ڪوٺايون ويون پر افسوس ته حڪومت طرفان صحافين لاءِ ڪو به پيڪيج جو اعلان نه ڪيو ويو، سنڌ جا صحافي اڄ  به بي يارو مددگار آھن، صحافت اڄ به زرد دور مان گذري رھي آھي، سرڪار طرفان ڪي به مراعاتون نه ملڻ ڪري معاشي بحران جو شڪار آھن، صحافي بنا اجوري جي ڏينھن رات عوام کي ھر خبر کان باخبر رکي ٿو، چاھي ڏينھن ھجي يا رات، گرمي ھجي يا سردي، ان جي پرواھ نه ڪندي پنھنجي پيشي سان سچائي جو ثبوت ڏئي ٿو، ايتري قدر جو ان کي ماني کائيندي اطلاع ملي ٿو ته فلاڻي ھنڌ واقعو يا حادثو ٿيو آهي ته ماني اڌ ۾ ڇڏي واقعي واري ھنڌ پھچي ڪوريج ڪري ادراري ڏي خبر موڪلي ٿو پر جڏھن صحافين تي ڏکيو وقت اچي ٿو ته ان جو ادارو به ساٿ نه ٿو ڏئي، جڏھن صحافي بيمار ٿئي ٿو ته ان جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي، صحافي قلم جو مزدور آھي، ان وٽ ايتري ملڪيت ناهي ھوندي ته پنھنجو علاج ڪرائي سگھي، اڪثر صحافي جڏھن بيمار ٿيندا آھن ته غربت سبب سندن يان سندن ابي امڙ ۽ اولاد جو علاج نه ٿيڻ ڪري بيماري جي بستري فوت ٿيندا آھن، جنھن جو سبب غربت آهي، ھن دور ۾ صحافت ڪرڻ ڪنڊن جي سيج تي سمھڻ برابر آھي، حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ ڪيترائي قلم ڌڻي قتل ڪيا ويا، ڪيترن ئي تي ڪوڙا ڪيس داخل آھن پر سچا صحافي خاموش نٿا ويهي سگھن، صحافت ڪڏھن به خاموش ناهي ٿيندي، نه ٿي سگھي ٿي ان کي ترت ڳالھائڻو آهي، قانون ۽ ضابطن تي عمل ڪرائندڙ ادارو پيمرا ۽ صحافي تنظيمن جي اڳواڻن کي اڳتي اچڻ گھرجي، بھترين نشريات دنيا کي بھترين جڳھ بڻائي سگھي ٿي، صحافين جي تحفظ جو قانون پاس ڪيو وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
ايندڙ مهيني کان چيني ويڪسين پاڪستان ۾ تيار ڪئي ويندي!
پاڪستان جي سينيئر ۽ وڏن ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب ڪورونا تي ڪنٽرول جو هڪ ئي طريقو اهو آهي ته متاثر ماڻهن کي فوري طور تي ويڪسين ڪئي وڃي. جيئن آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ٿيو، جتي ان تي تيزيءَ سان عمل ڪيو ويو ۽ پوءِ وبا تي ڪنٽرول شروع ٿيو، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا جي صورتحال تمام خراب ۽ بگڙجي وئي آهي، ڏينهون ڏينهن ڪورونا جي صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، جيڪا سڀني جي سامهون آهي پر ان حالت ۾ به اسان جو عوام لاشعوري طور مڙي نٿو، ڏهن رپين وارو ماسڪ جيڪو اسان کي ڪورونا کان بچائي سگهي ٿو، ان کي پائڻ لاءِ اسان تيار ناهيون. جهڙي ريت مارڪيٽن ۾ عوام جو سمنڊر ايس او پيز تي عمل نٿو ڪري، اسرائيل ۾ 100 سيڪڙو ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ اتي حالتون نارمل آهن، پاڪستان کي اڃا تائين چين کان سواءِ ٻيو ڪٿان به ويڪسين ناهي ملي ۽ سڄي دنيا اندر ان جي کوٽ به آهي، هڪ اطلاع موجب 10 لک خوراڪ چين کان پهچڻ واري آهي ۽ اهو اطلاع به ته اڳين مهيني کان چيني ويڪسين پاڪستان ۾ تيار ڪئي ويندي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته ڪورونا کان بچاءَ جو واحد حل ماسڪ ۽ ايس او پيز تي عمل آهي، عوام کي پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ کپن.
اسلم ماڪو/ پنوعاقل
زماني سان هاڻي اسان کي نواڻ پسند ٿيڻ گهرجي!
ڏسجي ته هن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جتي هر علم جي شاخ کي جديد سائنسي بنيادن تي نئين نظر سان پرکيو ۽ پروڙيو وڃي ٿو ۽ نئين سر ان جو بنياد سائنسي اصولن تي رکڻ جي ڪوشش روان آهي، جنهن جو مثال سائڪالاجي، فلاسافي، اڪانامي، هسٽري، فزڪس ۽ ٻيون کوڙ ساريون علم جون شاخون آهن، خاص ڪري سائڪالاجي ۾ ته ڪمال جو ڪم ٿيو آهي، قديم دور ۾ جتي انسانن ۾ چڙ، پنهنجي منهن ڳالهائڻ، شين کان خوف کائڻ وغيره کي جنن جو اثر يا شيطاني قوت سمجهيو ويندو هو، اڄ سائڪالاجي سائنس جي مدد سان اهڙن مرضن کي نفسياتي مرض ثابت ڪيو آهي، جيڪي قابل علاج آهن. تاريخ جيڪا منڍ کان وٺي هڪڙي ئي پهلو سان لکي وئي هئي جنهن ۾ هيروز اهي آهن جيڪي بادشاهه (انصاف پرست يا ظالم هجن) فوجي سپهه سالار ۽ مذهبي ماڻهو شامل آهن، باقي مڊل ڪلاس مڪمل نظرانداز ٿيل آهي، هاڻي ننڍي کنڊ جي تاريخ ئي ڏسو جيڪا مڪمل مذهبي آهي، اهوئي سبب آهي جو اسان کي لٽيرا، ڦورو ۽ قاتل هيروز لڳندا آهن، ڇو ته انهن جو ۽ اسان جو مذهب هڪ آهي، تنهن ڪري هاڻ دور جديد اچي ويو آهي ۽ هاڻ تاريخ کي به هڪ نئين نگاهه ۽ سائنسي اصولن موجب لکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ جنهن جي شروعات سنڌ جو مفڪر سائين جي. ايم سيد ڪئي هئي ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي به اھڙي ڪوشش ڪئي جيڪا جديد دور جي تقاضا پڻ آهي، هر شيءِ کي سائنسي بنيادن تي پرکيو ۽ پروڙيو وڃي ٿو، ان ڪري اسان کي به جديد دور موجب نواڻ پسند ٿيڻ گهرجي ۽ ارتقا جو ساٿاري ٿيڻ گهرجي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان کي مذهبي ۽ هيرو ازم جي رنگ کان آزاد ٿي سائنسي اصولن ۽ زميني حقيقتن جي آڌار تي شين کي پرکيون ۽ پنهنجي علم  ۾ اضافو ڪريون، اهو ئي بهترين ۽ اهم ذريعو آهي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو .
غلام الله گاڏهي/ نصيرآباد
رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيو!
رمضان شريف جي بابرڪت منهني ۾ حڪومت پاران عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، سڀ کان وڏو سبب بدانتظامي آھي، اسان وٽ سنڌ ۾ ريڙھي واري کان وٺي هول سيلر جي دڪان تي پنهجي قيمت مقرر ڪيل هوندي آھي، ريڙھي  تي اوهان کي  سڪل فروٽ ملندو، اگھ پنهنجي مرضيءَ وارو وٺندا، جيڪا انتظاميا آھي اها هر وقت ستل ملندي، جڏهن  جاڳندي تڏهن کيسا گرم ڪري هلي ويندي آھي. پنجاب جا شھر اسان کان بهتر آهن، اتي لوڪل سطح تي ڪاميٽون ٺھيل هونديون آهن، جيڪي عوام کي سڌيءَ طرح رليف وٺي ڏينديون آھن، شھرين کي گهرجي ته حڪومت سان گڏجي اهڙي ڪاميٽي ٺاهي وڃي جيڪا اگهن جي نگراني ڪري، عوام کي رليف وٺي ڏي، عوام سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي رمضان جي منهني جو خيال ڪيو وڃي سڪل گدرن، ٽماٽن کان بچايو وڃي.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي، ٿر
سهڻي سنڌ جو آريسر!
جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سنڌ ڌرتي هميشه اهڙن ارڏن پٽن کي جنم ڏنو آهي، جنهن سنڌ خاطر انيڪ ڪاوشون انجام ڏنيون آهن، انهن عاشقن سنڌ، سنڌيئڙن ۾ هڪ ناءُ انهي هماليا جيڏي اڏول انسان سنڌي جي حقيقي عاشق چوٿين دنيا جي ڏاهي سائين عبدالواحد آريسر جو ذڪر به اهم آهي، جنهن جي 3 مئي تي سنڌ جي بدنصيب قوم جنهن کان وقت هڪ اهڙو ليڊر کسيو، جنهن جي 6 هين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ۽ سندس آخري آرام گاهه انڙآباد تي ملهائي وئي جنهن ۾ مرڪزي قيادت سميت سنڌ جي ساڃانهه وند طبقي صحافي برادري توڙي جو هاري مذدور ۽ سنڌ جي خيرخواهه ڌرين سميت سموري سنڌ انڙآباد پهچي سندس مزار تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا يقينن انڙآباد کي سيد جي محبوب ۽ نوجوان اڳواڻ آريسر صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس (سن اسڪوائر) چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو، 3 مئي سنڌ کان اهڙو انسان کسيو آهي جنهن جا زخم 6 سال پڄاڻا به تازا ۽ توانا آهن ۽ رهندا،
تون چئو نه ڪڇان، تو چئو نه لڇان،
پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي؟
اعلان هزارين مان نه رڳو (اياز)
عبدالغني “عبد “آريسر/ ڍورو نارو
شھيد علي شير راڄپر جي ياد ۾!
2 سال اڳ تاريخ 4 مئي تي پڊعيدن جي هڪ دلير، جاکوڙي ۽ حق سچ جي علمبردار دلير نوجوان صحافي علي شير راڄپر کي سچيون خبرون ھلائڻ سبب پريس ڪلب ۾ قلمي پورهيو ڪندي ظالمن شھيد ڪيو هو، مون کي چڱي طرح ياد آھي ته 2 سال اڳ 3 مئي صحافين جي عالمي ڏهاڙي واري ڏينهن اسان پريس ڪلب نوشھروفيروز ۾ يونين آف جرنلسٽس جي چونڊن لاءِ هڪ ميٽنگ رکيل هئي، جتي پهريون دفعو شھيد علي شير راڄپر آيو هو ۽ اسان کيس اين ايف يو جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو ميمبر ڪيو هو، مون کي نوجوان صحافي شھيد علي شير راڄپر ۾ سچي صحافت ڪرڻ جو جوش ۽ جذبو نظر آيو، سندس سڀني ساٿين سان سڀاءُ هڪ الڳ قسم جو هو. هڪ بااخلاق، سهڻو، ستابو نوجوان صحافي اسان جي تنظيم ۾ وڏي شوق سان شامل ٿيو، ميٽنگ ۾ سڀني دوستن سان گڏوگڏ مون سان به مون کي سڏ ڪري پنهنجي موبائيل تي تصويرن ڇڪيون هيون ۽ هن ميٽنگ ۾ شھيد علي شير حق سچ جون خبرون هلائڻ جي ڪري کيس ملندڙ ڌمڪين جو ذڪر پڻ ڪيو، ان مهل ڪنهن کي ڪا به خبر نه هئي ته شھيد اسان جي اسان سان هي آخري ملاقات آھي ۽ ٻئي ڏينهن شام جو شھيد اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي هڪ اهڙي دنيا ڏانهن هليو ويندو جتان هن مهل تائين ڪو به واپس نه آيو آھي ۽ ائين هڪ ڏينهن گذرڻ بعد 4 مئي جي شام سج لٿي ڌاري اطلاع مليو ته شھيد علي شير قاتلاڻي حملي ۾ شھيد ٿي ويو آھي، رب پاڪ کان دعا آھي ته شھيد صحافي علي شير راڄپر کي جنت الفدوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس قاتلن کي ڪيفر ڪرادر تائين پهچائي آمين.
محمد خالد ميمڻ/ ڦل
خدارا اسان کي وڏيرن کان تحفظ ڏيو!
اسان جو ڳوٺ رئيس نور محمد تعلقو چمبڙ ضلعو ٽنڊوالھيار يوسي راوت لغاري ۾ ھڪ ڍوري جي ڀڏي تي گذريل ڏيڍ صدي کان آباد آھي، ڳوٺ جا بااثر رئيس، وڏيرا اسان جي گھرن کي خاص طور اوطاق کي بلڊوز ڪرڻ ۽ جاني توڙي مالي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ اسان جا ٻار به ڪيترن ڏينهن کان اسڪول نه پيا وڃي سگھن. اسين ضلعي انتظاميا ٽنڊوالھيار، تعلقي چمبڙ جي انتظاميا ۽ ٻين ڀرپاسي جي معزز شخصيتن کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان کي تحفظ ڏئي اسان کي بچايو وڃي.
مقبول نونداڻي/تعلقو چمبڙ
دنيا جي امير ترين جوڙي جي شادي جو ڊراپ سين!
گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا تي دنيا جي امير ترين جوڙن ۾ ڳڻجندڙ بل گيٽس ۽ سندس ونيءَ ملينڊا پاران 27 سالن بعد پنھنجي ازدواجي سفر جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو. اھڙي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ بنا سوچڻ سمجھڻ جي ماڻھن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو. ته بلگيٽس کي پئسو ڪم نه آيو، اھڙو پئسو ڪھڙي ڪم جو؟ چوندا آھن پئسو گھڻو ڪجھ آھي پر سڀ ڪجھ ناھي وغيره پر حقيقت ۾ ايئن ناھي، ٽيڪنالاجي ڪمپني مائيڪرو سافٽ جي باني بلگيٽس ۽ سندس زال ملينڊا چيو ته اسان وڏي سوچ ويچار بعد شادي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چو ته اسين ان ڳالھ تي يقين رکون ٿا ته زندگي جي ايندڙ مرحلي ۾ اسين زال مڙس طور گڏ ترقي نٿا ڪري سگھون، مطلب ڪامياب نٿا ٿي سگھون، جوڙي پنھنجي بيان ۾ اھو چيو ته اسين عليحدگي باوجود فلاحي اداري “بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن” لاءِ گڏيل طور ڪم ڪندا رھنداسين. ياد رهي ته بل گيٽس ننڍي عمر ۾ جنھن ٽيڪنالاجي ڪمپني جو بنياد رکيو هو جنھن کي دنيا مائيڪرو سافٽ جي نالي سڃاڻي ٿي. ان ڪمپني جي ڪمائي حاصل ڪرڻ سبب بل گيٽس دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو. بل گيٽس 2008 ع ۾ مائيڪروسافٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو جي عھدي تان هٿن کنيو، گھڻو وقت انساني خدمت ۾ گذارڻ لڳو. سندن اثاثن جي ماليت لڳ ڀڳ 130 ارب ڊالر آھي. عالمي سطع تي ھن جوڙي کي انسان دوست جوڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سندن فلاحي ادارو بين الاقوامي سطع تي صحت، تعليم سميت ٻين عالمي مسئلن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندو آھي جنھن ۾ اربين ڊالر خرچ ڪيا ويندا آھن.
صدام جمالي/ بکرجمالي
تنقيد بجاءِ ياسر ملوڪاڻي جي حوصلا افزائي ڪريو!‎
ڪافي سوشل ميڊيا جا دوست اڪثر ياسر ملوڪاڻي تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪندا آھن ته چريو آ، سادڙو آ، پر واقعي ڪافي ڀيرا ڳالھيون کلڻ جھڙيو ئي ھونديون آھن ياسر جون، پر اڄ ياسر کي داد ڏيڻ تي دل ٿي چئي، ته جتي مون سميت ھر ماڻھو ان معاملي تي عملي ميدان ۾ پاڻ نه ملھايو آھي پوءِ خبر ناھي تي اسان ڊپ ۾ ورتل ڇو آھيون يا لالچ ۾ آھيون پر اتي ڳوٺ عبداللہ گبول ۾ ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون جي ناجائزين، زيادتين خلاف پنھنجو آواز بلند ڪري اسان ننڍ ستلن جي ڪن تي آواز پھچايو آهي ته ڌرتي ڌڻي واسيو اٿو، ڏانئڻ توھان جي ڳوٺن ۽ پاڙن کي کائي رهي آهي ۽ انهن جي مالڪي ڪيو، پنھنجي اٻوجھ لاوارث ماروئڙن ۽ ڌرتي جي جي مالڪي ڪريو. ياسر کي ننڍو ڀاءُ سمجھي هڪ صلاح ڏيندس ته صحافت سان گڏوگڏ پنھنجي تعليم تي ڌيان ڏئي، جيئن اڳتي ھلي لاچار لاوارث ماڻھن جو آواز بھتر طريقي بلند ڪري سگھي، سنڌ جي باشعور ماڻهن کي پڻ عرض آهي ته سنڌ جي هڪ بلند حوصلن واري نوجوان جي پٺڀرائي ڪئي وڃي.
علي محمد کوسو/ شهدادڪوٽ 
سم نالو ڏئي مستقبل ۾ تباهين کان بچايو!
سنڌ جي پرامن ۽ ميون جي بادشاهه انب طور سڃاڻپ رکندڙ ضلعي ميرپورخاص جو تعلقو سنڌڙي جيڪو بهترين ۽ لذيذ پڪوڙن سبب تمام گهڻو مشھور آهي ۽ انبن جي پيداوار ۾ به هي تعلقو اڳڀرو آھي پر بدقسمتيءَ سان تعلقي جي کاٻي پاسي جا علائقا جنهن ۾ ملوڪ پهوڙ، هنگورنو، تگوسر، سامارو شاخ، گرهوڙ شريف ۽ کاهي شامل آھن جتي سم نالو نه هئڻ ڪري ھر ٻوڏ ۾ هزارين ايڪڙ زمين ۽ گهر تباھ ٿي وڃن ٿا ۽ هتي جا ماروئڙا مال ۽ ٻار وٺي ٿر ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، آگسٽ 2020ع واري ٻوڏ سبب اهي علائقا مڪمل طور ٻڏي ويا ۽ انتظامي نااهلي سبب اڃا تائين گهرن توڙي زمينن ۾ پاڻي موجود آهي، ضلعي انتظاميا سنڌڙي جي ٻوڏ ستايل رهواسين کي ننڌڻڪو ڪري صرف فوٽو سيشن تائين محدود رهي. سنڌڙي جي عوام مختلف وقتن ۽ مختلف هنڌن تي سم نالو ٺھرائڻ لاءِ احتجاج توڙي مارچ به ڪيا پر افسوس انتظاميا اگهور ننڊ ستل رهي. 12 فيبروري 2021ع تي سنڌڙي ايڪشن ڪاميٽي ۽ جي يو آءِ طرفان سم نالي جي حاصلات لاءِ تگوسر چوڪ کان سنڌڙي پريس ڪلب تائين 12 ڪلوميٽر پيدل مارچ ڪيو ويو ۽ ٻيهر 15 مارچ 2021ع تي سنڌڙي ايڪشن ڪاميٽي ۽ جي يو آءِ طرفان سم نالي جي حاصلات لاءِ تگوسر چوڪ سنڌڙي کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جنهن جي قيادت جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ڪئي. جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪري پر زور مطالبو ڪيو ته سم نالو ڏئي سنڌڙي جي عوام کي بچايو وڃي. اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا سم نالو منظور ڪري مستقبل ۾ سنڌڙي جي کاٻي پاسي جي عوام کي تباهي کان بچايو وڃي.
حافظ امان الله نهڙي/سنڌڙي
بحريا ٽائون سنڌ ڌرتيءَ لاءِ خطرناڪ آهي!‎
سنڌ جا حڪمران پنهنجي ڌرتيءَ سان سچا ناھن، پيپلزپارٽي ھميشه سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي ڌرتيءَ جو سودو ڪري اقتدار جا مزا ماڻيا آھن پر عوام وٽ شعور جي تمام گهڻي کوٽ آھي، پيپلز پارٽي جي ڪري سنڌ واسين ڪڏهن ڪو سک جو ساهه ناھي کنيو، سنڌ ۾ ھاڻي به پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي پر افسوس سنڌ حڪومت جي دور ۾ سنڌ جا قديمي ماڳ ڳوٺ مسمار ڪيا پيا وڃن، ڳوٺ درياهه خان گبول ۾ قديمي ڳوٺ آصف علي زرداري جي ويجھي ساٿي ملڪ رياض پاران پوليس جي زور تي مسمار ڪرايا پيا وڃن، جڏهن ته اھي ڳوٺ اتان جي رھواسين جا صديون پراڻا آهن پر ڏاڍ اڳيان ڪير ڪڇي سنڌ حڪومت کان ته بحريا ٽائون جي باري ۾ انصاف يا ڪارروائي جي ڪائي اميد نٿي رکي سگھجي، ڇو جو ملڪ رياض پاڻ سنڌ حڪومت آھي، اسان جو عرض سنڌ جي ساڃاهه وندن اديب، دانشور، قومپرستن ۽ سنڌ جي شعور کي آھي ته خدارا ھڪ ٿي سنڌ ڌرتيءَ جي مالڪي ڪيو، جي اڄ سنڌ واسي پاڻ ھڪ نه ٿيا ته سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ سنڌ فلسطين ٿي ويندي ان لاءِ ھڪ ٿي پنهنجن جي مدد ڪيو ان کان اڳ جو اسان کان ڌرتي کسي وڃي ۽ اسان به فلسينين جيان گھر کان بي گھر ڪيا وڃون.
خواجا صدام سنڌي/احمدپور، ڪنگري