بدين(رپورٽر ) بدين ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف ترقي پسند پارٽي پاران مهراڻ چوڪ کان پريس ڪلب غلام قادر مراداڻي ۽ قاسم هاليپوٽو جي اڳواڻيءَ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته پاڻي کوٽ ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. هنن جو چوڻ هو ته آبپاشي عملدارن پاران پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ڪري هارين ۽ آبادگارن کي ڪنگال بڻايو پيو وڃي. بدين جي حصي جو پاڻي منڊ جي بااثر آبادگارن کي ڏئي زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن. سارين جي پوکائي شروع ٿيڻ واري آهي پر پاڻي نه هجڻ ڪري پوکي سخت متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن بدين ضلعي مان پاڻيءَ جي هٿرادوکوٽ ختم نه ٿي ۽ فوري طور سم نالن جي کاٽي شروع نه ڪرائي وئي ته عيد کان پوءِ هارين ۽ آبادگارن سان گڏجي تحرڪ هلائي ويندي.