رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ پ پ اڳواڻ ۽ سي ايم او ۾ منهن ماري، هڪٻئي تي الزام، ميونسپل ملازمن جو احتجاج، ٿاڻي آڳيان ڌرڻو، ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو، پ پ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته نالي بند ٿيڻ جي شڪايت کڻي ويس ته سي ايم او مڇرجي پيو. خبر موجب پ پ اڳواڻ عرفان ڀٽو سي ايم او نياز ٻٻر جي آفيس ۾ اچي مبينا بداخلاقي ڪئي ۽ گار گند ڪئي، جنهن عمل خلاف ميونسپل ملازمن پاران ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي يونين اڳواڻن عبدالغفار ڪوري، عرفان شاهه، عبدالهادي مرکياڻي، عبدالقادر ابڙو، طالب حسين ٻٻر ۽ ٻين چيو ته پ پ اڳواڻ عرفان ڀٽو ميونسپل آفيس اچي سي ايم او سان بداخلاقي ڪئي، جيڪو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي. هنن چيو ته آفيس ۾ موجود ماڻهو پ پ اڳواڻ کي روڪيندا رهيا پر ان جي باوجود به هو گار گند ڪندو رهيو، هنن پ پ اڳواڻ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان حوالي سان سي ايم او پ پ اڳواڻ تي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو آهي. هوڏانهن پ پ اڳواڻ عرفان ڀٽو جو چوڻ آهي ته پاڙي ۾ ڀٽا وانڍ جي نيڪال واري نالي جي بند ٿيڻ جي شڪايت کڻي سي ايم او وٽ ويس ته هو مڇرجي پيو ۽ شڪايت ٻڌڻ بدران آفيس مان نڪري وڃڻ جو چيو. هن چيو ته جنهن بعد مان ٻاهر نڪري آيس، کيس ڪنهن به قسم جي ڪا گارگند ناهي ڏني، اجايو الزام لڳايو پيو وڃي.