اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي سميت تعلقي فيض گنج ۾ قائم ٿيل سرڪاري سينٽرن تي ڪڻڪ جي خريداري سستي روي جو شڪار آهي، فوڊ سينٽر بروقت نه کلڻ سبب ننڍن آبادگارن ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڇڏي آهي، ڪڻڪ وڪرو ٿيڻ سبب مقرر ڪيل هڪ لک 85 هزار ٻورين جو ٽارگيٽ مڪمل نه ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ان حوالي سان آبادگارن چيو ته واپاري آبادگارن کان سستي اگهه تي ڪڻڪ وٺڻ بعد وري وڌيڪ رقم تي سرڪاري سينٽرن تي وڪرو ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن، آبادگارن وڌيڪ چيو ته واپارين سستي اگهن تي خريد ڪيل هزارين ٻوريون ڪڻڪ گدامن ۾ لڪائي ڇڏيون آهن.