جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد مان 500 کان وڌيڪ هندو برادري جا ماڻهو هندوستان جٿي جي صورت ۾ ياترا وڃڻ لاءِ تيار، آن لائن درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، جٿي ۾ ياترا جي صورت ۾ هندوستان ويندڙ ڪيترائي هندو مستقل طور منتقل ٿيڻ جا چوٻول خبر موجب جيڪب آباد مان 500 کان وڌيڪ هندو برادري جا ماڻهو ھندوستان ياترا تي جٿي جي صورت ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، هندوستان وڃڻ لاءِ ھندو برادري جي ماڻهن ويزا جاري ڪرڻ لاءِ آن لائن درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ چوٻول آهن ته هندوستان ياترا لاءِ ويندڙن مان 100 ماڻهو مستقل طور اتي ئي رهائش اختيار ڪندا، ذريعن کان معلوم ٿيو ته جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه هئڻ ۽ ڪرڪيٽ جي بڪيز تي جوا ۾ لکين روپين جي قرضي بڻجي ٿيڻ کانپوءِ هندو برادري جا ماڻھو جيڪب آباد کان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ھندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ بيروزگاري سبب ڪيترن ئي هندو خاندانن هندوستان وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي خاص ڪري هندو ماڻھن کي ٽارگيٽ بڻايو وڃي پيو ڇو ته 6 مهينن جي دوران 50 کان مٿي ھندو نوجوانن کان موٽرسائيڪل سميت موبائيل فون ڦر ڪيا ويا آهن اھڙي دانهن صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي کي به ڏني آهي ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سُمير نور چنا سان رابطو ڪري شڪايت ڪئي وئي پر ان باوجود به تدارڪ ناهي ٿيو هن چيو ته جيڪب آباد ۾ بااثر ماڻهن پاران بڪيون کوليون ويون آهن جتي هندو نوجوانن کي ڪرڪيٽ تي جوا کيڏائڻ بعد موٽرسائيڪلون وياج تي ڏياري لکين روپين جو قرضي بڻايو وڃي ٿو ۽ انهن جي خاندان کي به تنگ ڪيو پيو وڃي لڏپلاڻ جو اصل اهو سبب به آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سُمير نور چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي صرف 2 مهينن جي دوران صرف 3 هندو نوجوانن کان موٽرسائيڪل ڦر جو واقعو پيش آيو جيڪي به هٿ ڪيا ويا آهن جلد مالڪن کي ڏينداسين هن چيو ته اگر هندو برادري جي ڪنهن ماڻهو کي وياج خور يا بڪي مافيا بابت شڪايتون آهن ته انهن ڪڏهن حراسمينٽ جي درخواست ناهي ڪئي باقي ايتري انگ ۾ هندو برادري جي ماڻهن جو هندوستان ڇڏي وڃڻ واري ڳالهه ۾ صداقت ناهي