ڪراچي(ڳالهه ٻولهه: حبيب جمالي)  ڪراچي ڏکڻ جي  ڊي آءِ جي عرفان بلوچ چيو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ 2014 کانپوءِ خطرناڪ هٿيارآيا، 2014 کان اڳ ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ نالي ماتر اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز هيون، هن وقت ڌاڙيلن وٽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ۽ راڪيٽ لانچر تمام گھڻا آهن، وزيراعليٰ مرادشاهه  آءِ جي سنڌ جي سفارش تي سنڌو درياءَ  ۾ گشت ڪرڻ لاءِ رورائين (دريائي) فورس جوڙڻ لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ جو چيو آهي، انهي ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته انهي فورس کي بليٽ پروف ٻيڙيون ڏجن، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌاڙيلن وٽ هٿيار اسمگل ٿي اچن ٿا، ڌاڙيلن کي هٿيارن جي رسائي ختم ڪرائي ويندي، پوليس ڊپارٽمينٽ انهي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته نوابشاهه،سانگهڙ، دادو، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد مان ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويو آهي، جڏهن ته ڪشمور، شڪارپور ۽ گھوٽڪي جي ڪجهه هنڌن تي اڃا ڌاڙيل موجود آهن، جن جو جلد خاتمو آڻينداسين، هن چيو ته ڪلفٽن ۾ شڪار پور جي برسات سٽيل ٻارڙيءِ سان زيادتي بعد سنڌ حڪومت جي حڪم تي پينو فقير ٻارن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، 8 ٻار ايڌي هوم منتقل ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ جيڪي ٻار پنندي نظر ايندا، انهن کي ايڌي هوم منتقل ڪيو ويندو، سندن وارث ايندا ته انهن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي يا نادرا مان تصديق ڪرائي ويندي ته جيئن خبر پوي ته اهي انهن ماڻهن جا پنهنجا ٻار آهن يا ٻين جا ٻار آهن؟ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ دعويٰ ڪئي ته غيرقانوني افغانين کي پڪڙي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي، هن وقت تائين 31 افغانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تحت انويسٽيگيشن شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، هلندڙ سال 30 سيڪڙوکان وڌيڪ ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون ڏياريون ويون آهن، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف نئين حڪمت عملي سان ايڪشن ۾ وينداسين، هن چيو ته ڪرسٽل هاڻي ڪراچي ۾ ٺهي ٿو، ڪرسٽل ٺاهيندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، هن چيو ته پوليس ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وڪٽم سپورٽ يونٽ ٺاهيو آهي، شهري هيلپ لائين تي ڪال ڪري شڪايتون داخل ڪرائين، سندن شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ چيو ته مڇرڪالوني واقعي خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس ڪيس داخل ناهن ڪيا، ايس يو پي سميت مختلف تنظيمن احتجاج ڪيو،  ڪنهن تي به ايف آءِ آر  ڪاٽي ناهي وئي، ايف آءِ آر رڳو انهن خلاف ڪاٽي وئي، جن ريڊ لائين پار ڪندي رياستي ادارن خلاف نعرا هنيا.