ٺٽو/ميرپوربٺورو (نمائندن وٽان) ڪراچي بحريا ٽائون انتظاميا خلاف ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي مختلف هنڌن رستا روڪ ڪئي وئي، جنهن بعد اڳواڻن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ رڪاوٽون توڙي ڌرڻي ۾شريڪ ٿيا، ميرپوربٺوري مان ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ جيئي سنڌ قومي پارٽي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي قافلن کي بٺورو باءِ پاس تي پوليس اٽالن روڪي ڇڏيو، سخت ڇڪتاڻ بعد جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته سنڌ سرڪار جي حڪم تي پوليس پر امن ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪري رهي آهي، هنن چيو ته اسين ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تان هٿ نه کڻنداسين، جڏهن ته مسلسل 2 ڪلاڪ روڊ بند هجڻ بعد ڊي ايس پي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي قافلي کي اڳتي وڌڻ ڏنو. جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ سيد جلال شاھ جي اڳواڻي ۾ ويندڙ قافلي کي مڪلي باءِ پاس، ٺٽو_ ڪراچي قومي شاهراهه، ڌاٻيجي ۽ گھگھر ڦاٽڪ وٽ پوليس اٽالن رڪاوٽون وجھي کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو پر وڏي انگ ۾ ڪارڪنن پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪري رڪاوٽون ٽوڙي مقرر ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ (رياض ) جي مرڪزي اڳواڻ سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ ويندڙ قافلي کي پڻ پوليس گهگھر ڦاٽڪ ويجھو رڪاٽون وجھي روڪي ورتو، ان موقعي تي ڪارڪن رڪاوٽن کي هٽائي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندا ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي قومپرست اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته ھڪ طرف سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري عوام کي اڃ مرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي ته ٻئي طرف ھائوسنگ سوسائٽي جي آڙ ۾ بحريا ٽائون ڪوھستان واسين جي زمينن تي قبضا ڪري ڌارين کي آباد ڪري مقامي ماڻھن کي بيدخل ڪري انھن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ چاهي ٿي پر سنڌ جو عوام اھي سازشون ھر گز، برداشت نه ڪندو، ھن چيو ته سنڌ جي عوام پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪري سمورن سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪيو آهي، جڏهن ته ترقي پسند پارٽي جي ضلعي اڳواڻ سيد جلال شاھ چيو ته رستا روڪ جي مذمت ڪيون ٿا، راهن ۾ ڀلي ڪيتريون رڪاوٽون وڌيون وڃن پر هو ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي مذمت نه هاڻ مزاحمت ڪندا، هوڏانهن پوليس پاران ڌرڻي ۾ ٺٽو، سجاول ضلعن کان ويندڙ قافلن کي روڪڻ لاءِ پڻ ٺٽو سجاول پل ، مڪلي ٺٽو باءِ پاس ، ساڪرو گھارو گولائي، ڌاٻيجي سميت گھگھر ڦاٽڪ ويجهو پڻ رڪاوٽون وڌيون پر ان جي باوجود ڪارڪن رڪاوٽن کي ٽوڙي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا.