ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور جاري، وڌيڪ 83 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، 1923 نوان ڪيس سامهون آيا، فعال ڪيسن جو انگ وڌي 1923 ٿي ويو، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 3.81، ڪراچي ۾ 11.25، حيدرآباد ۾ 4.85 ۽ سنڌ جي باقي 22 ضلعن ۾ 3.46 سيڪڙو رهي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 20 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 756 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيدمراد علي شاھ چيو ته هن وقت 23839 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 22941 مريض گھرن ، 25 آئسوليشن سينٽرن ۽ 873 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 816 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 81 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾398، حيدرآباد ۾ 41، ٺٽي ۾ 29، ڄامشوري ۾ 25، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 21_21، مٽياري ۾ 20، شڪارپور، سکر، ٽنڊي الهيار ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 16_16، ميرپورخاص ۾ 15، دادو ۽ نوشهروفيروز ۾ 14_14، گھوٽڪي ۾ 12، خيرپور ۽ سانگھڙ ۾ 11_11، سجاول ۾ 10، قمبر ۽ عمرڪوٽ ۾ 7_7، لاڙڪاڻي ۾ 5 ۽ ڪشمور ۾ وڌيڪ 4 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هوڏانهن سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل پراڻي سکر جي حسن چوڪ جو رهواسي 48 ورھين جو ضمير احمد ولد رحمت الله شيخ فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي ڪراچي سينٽرل جي انتظاميا مختلف علائقن ۾ 19 جون تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ سرڪار صوبي ۾ اڄ سومر کان ڪاروبار رات 8 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل سنڌ ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورا دڪاندار پنهنجي توڙي پنهنجي عملي جي 14 ڏينهن ۾ويڪسين ڪرائي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندا، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس کي رات 12 وڳي تائين آئوٽ ڊور ڊائنگ جي اجازت هوندي، ڪراچي جي سي ويو، هاڪس بي سميت سياحتي ماڳ پڻ اڄ کان عوام لاءِ کوليا ويندا، جڏهن ته شادي هال کولڻ ۽ آئوٽ ڊورشادي ڪاڄن جي اجازت 15 ڏينهن بعد ڏني ويندي، اڄ کان نائين ڪلاس، ميٽرڪ، فرسٽ ايئر ۽ انٽر جا ڪلاس معمول موجب شروع ٿي ويندا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي کي ٻيهر سختي سان هدايت ڪئي ته اها استادن جي ويڪسين کي يقيني بڻائي، هوڏانهن سنڌ تعليم کاتي نائين ڪلاس کان انٽر تائين ڪلاس کولڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ استادن کي 2 هفتن اندر ويڪسين لڳرائڻ جو پابند بڻائي فيصلي جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، هوڏانهن اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاھ چيو ته ڪاروبار جو وقت وڌائي 8 وڳي تائين ڪيو ويو آهي. پارڪ به کوليا ويا آهن، سيلون (حجامڪو دڪان ) به ايس او پيز تحت کليل رهندا. هن چيو ته ريسٽورنٽس ۾ آئوٽ ڊور ڊائننگ جو وقت رات 12 وڳي تائين ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي وفاقي سرڪار جي نگراني هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن ۾ پهرين کان چوٿين، ڇهين ۽ ستين درجي جي شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ ڪيو ويندو، رڳو پنجين ۽ اٺين درجي جي شاگردن جا امتحان ٿيندا، ٻئي طرف پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ پهرين کان اٺين درجي جا ڪلاس ۽ ڪي پي جون مادرعلميون اڄ کان تدريسي عمل شروع ڪنديون، واضح رهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي جا اسڪول اڳ ۾ ئي کليل آهن .